سرجيس تان سور، سامايس ته سک ويا

0
359
سنڌي ادب جو ھڪ ڪلاسيڪل ناول

ظلم جيڪو ڪائنات جي ارتقائي دور کان رائج آهي، سو اڄ تائين هلندو رهي ٿو بس فرق ايترو آهي ظالم پنهنجا رنگ ۽ روپ سميت ڏوهن جون ترڪيبون تبديل ڪندو ٿو رهي. هن ظلم جي ظاهري شروعات قابيل ۽ هابيل جي قتل کان ٿي هئي، پر هن مهل تائين ڪو تز دليل ناهي مليو ته ان قتل جو محرڪ ڇا هو؟ اهڙا ڪيترائي سوال آهن، جنهن کي هن جديد دور ۾ به ڪوئي وضاحت پيش ناهي ڪري سگهيو.
قتل و غارت اصل وحشي دور جي ايجاد آهي، جنهن پٺيان اها دردنگي ۽ ڇسي انا آهي جنهن کي شانتي پهچائڻ لاءِ نمرتا کان نائلا تائين، تانيا کان صائمه جروار تائين، زارا منگيءَ کان نامياري شاعر مبين اڄڻ جي ڀيڻ جي قتل تائين ڪيترائي حادثا ۽ قيامتون برپا ٿينديون رهن ٿيون، جن کي هن رياست ۾ انصاف پلئي ناهي پئجي سگهيو. هن قسم جي هانءَ ڦاڙيندڙ واقعن تي سياستدانن جي ڪن تي جونءَ به ناهي چرندي، انصاف ڏيندڙ ادارن به جهڙوڪ پنهنجا چپ سبائي ويٺا هجن. ڇا ڪجي…!!!
درد جو ڪوئي ديس ناهي، جيڪڏهن درد ماپڻ جو ڪو ماپو هجي ها ته شاعر مبين اڄڻ جي درد کي ماپي سگهجي ها، جنهن جي پندرنهن سالا ڀيڻ روبينه رات جي رهزنن هٿان اغوا ڪرڻ کانپوءِ سفاڪيءَ سان قتل ڪئي وئي، ڳجهه ڳوهه ۾ معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ خاطر هنن ان پندرنهن سالا نوجوان ڇوڪري کي روهڙي ڪئنال ۾ اڇلايو ته جيئن ان حافظِ قرآن ڇوڪريءَ جي قتل جي بيگناھ رت جون ڦنگون سندن منهن تي نه ظاهر ٿي پون. ها هن قسم جي واقعن پٺيان وڏن سياسي ۽ مذهبي پيشوائن جا ڳجھا هٿ هوندا آهن، پنهنجي ساک کي نقصان کان بچائڻ لاءِ ئي هُو ان قسم جون سفاڪيءَ جو مظاهرو ڪرڻ کان ناهن گهٻرائيندا .
روبينه اڄڻ کي ڪهڙي خبر ته هوءِ جنهن پير تي دعا ڳنهڻ پوڙهي ماءُ سان گڏ وڃي رهي آهي، تنهن کي رات جي رهزنن هٿان لوئي لڄ وڃائي زندگيءَ تان هٿ کڻڻو پوندو. هوءَ جنهن پير ڪٽبر تي وئي هئي، سو سچل سائينءَ کان صرف 08 ڪلو ميٽر مفاصلي تي هو، سندس دانهن سچل سرمست ڪيئن نه ٻڌي هوندي؟ درد وندي ديس جي شاعر مبين اڄڻ جي وهندڙ گونگن ڳوڙهن ۾ سندس بيگناھ قتل ٿي ويل معصوم ۽ پوتر ڀيڻ جي تصوير آهي، جيڪا هن کي بار بار انصاف لاءِ ٻاڏائي رهي آهي.
اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا ۾ مائٽن جيڪو موقف اختيار ڪيو آهي، ان ۾ هنن چيو ته روبينه جي امڙ جيئن جاڳي، تيئن ئي ڌيءَ جي ڳولا ڪيائين. ان کوج ۾ هنن کي روبينا جي لٽي جي ليڙ يا رئو ۽ عينڪ ملي، جا هن کي نظر گهٽ هجڻ سبب پاتل هوندي هئي. هنن کي اها ڪهڙي خبر ته هنن جي نياڻيءَ کي ڪنهن اغوا ڪيو آهي؟ هنن کي ته الائي ڪيترن وهمن ۽ وسوسن اچي ورايو هو، ڇوڪري روبينا اڄڻ جي گمشدگي بعد ٻن ڏينهن گذرڻ بعد ڪنڊياري ريگيوليٽر مان هڪ ڇوڪريءَ جو  لاش مليو جنهن کي انتظاميا لاوارٽ قرار ڏئي ڀرواري قبرستان ۾ دفنايو هو. ڀيڻ جي ائين گمشدگي تي شاعر مبين اڄڻ سنڌ جي شعور کي جاڳايو، سوشل ميڊيا تي ۽ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ته جيڪڏهن سندس ڀيڻ زنده واپس نه ٿي ٿئي ته گهٽ ۾ گهٽ هنن کي سندس ڀيڻ جو لاش ئي ڏنو وڃي.. اها ڪيڏي وڏي نااهلي آهي جو هڪ شاعر مٿان هيترو سارو وهيو ۽ واپريو، مٿن آزمائش جو جبل ڪريو هو پر مجال آهي جو ساڻس ھمدرديءَ جي اظهار لاءِ ڪوئي چونڊيل ايم پي اي يا وري ڪوئي ايم اين اي ئي آيو هجي. ڇا انهن سياستدانن کي مرڻو ناهي، يا سندن هي ٺٺ ٺانگر واري زندگي هميشه قائم رهڻي آهي؟ ڇا هُو هڪ شاعر خاندان سان ٿيل ڪلور بابت سوشل ميڊيا تي آنهون دانهون ۽ اپيلون نه ڏسندا هوندا؟ يا وري ڇا هن سانحي بابت هنن اخبارن کي پڙهيو ئي نه هوندو؟
خبر هجڻ باوجود هي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جي اک ٻوٽ کي ڀلا ڪهڙو نالو ڏجي…!! دنيا جو ڪو به ملڪ تيستائين ترقي يافته ملڪ نٿو ٿي سگهي، جيستائين ان ملڪ ۾ برابري جي بنياد تي ماڻهن کي انصاف فراهم نه ٿو ڪيو وڃي، آئين ۽ قانون جي بالادستي قائم هجڻ سان ئي ملڪ ترقي جو سفر طئي ڪندا آهن. دنيا جي سڌريل ملڪن جو سڌريل ۽ ترقي يافته حال سندن عدل ۽ انصاف جي سهي نموني فراهمي تي قائم آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هڪ شاعر کي انصاف ملي ٿو يا نه. سندس بيگناهه قتل ٿي ويل ڀيڻ روبينا اڄڻ جي اصل قاتلن کي قانون پنهنجي پڪڙ ۾ آڻي ٿو يا هميشه جيان ڏنو پٽ ڇٽي جي فارمولي تحت ملوث جوابدارن کي آزاد ڇڏيو ويندو. هڪ اهم ڳالهه اها به آهي ته هاڻي قانون کي حرڪت ۾ اچڻ گهرجي انهن جاهلن ۽ بي شناس ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ گهرجي، جن رڳو بهارن کي ڀيلڻ سکيو، گلابن کي مروڙڻ ۽ پوپٽن کي جا جنازا کڻڻ سکيو. انهن مست اٺن کي گرفتار ٿيڻ گهرجي جن معصوم ڪليون مروڙيون آهن، شهرن جا شهر ڀيليا آهن، چاهتن جي رستن کي نيلام ڪندي کين ڪڏهن شرم ئي ناهي آيو، ماڻهن کي ماريندي سندن دل ۾ ذري جو رحم ناهي، بد ذوق نظرن ۽ احساسن کان عاري ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته چنڊ سان اماڻيل سنديسا ڪيئن ستارن وچ ۾ پرين جون پچارون ڪندا آهن، ڪيئن دلبريءَ جون ديدون دوبدو بڻجي ريشمي احساسن ۾ ستارو بڻجي هڏڪين جا گيت آلاپينديون.