تعليم جو ٻڏل ٻيڙو ترڻ جي ڪا اميد آهي؟

0
466

پراڻا فائيل ڏسندي تعليم جي حوالي سان 2008ع ۾ لکيل پنهنجي مضمون تي نظر پئي. 13 سال اڳ وارو مضمون پڙھي محسوس ٿيو ته تعليم جي صورتحال ۾ ڪا به تبديلي يا بهتري ناهي آئي بلڪه مجموعي طور وڌيڪ تباهي ٿي آهي. ممڪن آهي ته ڪجھه ماڻهو منهنجي موقف سان متفق نه هجن پر سڀني معاملن جو غور سان تجزيو ڪبو ۽ هيٺان کان مٿي تائين سموري تعليمي سرشتي توڙي نتيجن تي تنقيدي نظر وجهبي ته صورتحال چٽي ٿي ويندي. اسين ڳالهيون ڀلي ڪهڙيون به ڪيون، جذباتي ٿي ڀلي پاڻ کي ڪيترو به پڏايون پر اسان نتيجن کي ڪنهن به صورت ۾ رد نه ٿا ڪري سگهون. پرائمريءَ کان يونيورسٽي ليول تائين تعليم جي تمام گهڻي تباهي ٿي آهي، ان جا يقينن کوڙ سارا سبب آهن پر هڪ سبب فرد طور اسان جي نااهلي ۽ غيرذميواري به آهي! اسان وٽ اهو رواج يا رويو عام آهي ته هر ننڍي کان وڏي معاملي تائين هر ڳالھه لاءِ ذميوار حڪومت کي قرار ڏنو ويندو آهي. ان ۾ ڪو به ابھام ڪونهي بلڪل حڪومت ضرور ذميوار آهي هر معاملي لاءِ پر ڪجھه ذميواريون اسان جون به آهن. ايمانداريءَ سان پاڻ کان سوال پڇو ته ڇا اسين پنهنجون ذميواريون ايمانداري ۽ سچائيءَ سان پوريون ڪيون پيا؟ يقينن جواب “نه” ۾ هوندو.
ڪنهن ڏاهي مطابق “بي علم يتيم کان به بدترين آهي”. ۽ اسين سچ پچ يتيمن کان به بدترين ٿي ويا آهيون. زمانو تعليم، کوجنا ۽ ترقيءَ ۾ اڳتي وڃي رهيو آهي ۽ اسين بد کان بدترين صورتحال ڏانهن وڌي رهيا آهيون.
ڪو زمانو هو جو پنج درجا پڙهيل ٻار به چڱي طرح اخبار پڙهي ويندا هئا، اڄ مئٽرڪ ۾ پڙهندڙ ٻار پنهنجي ٻوليءَ ۾ اخبار پڙهندي مُنجهي ٿو. نائين ڪلاس جي ٻار کان پڇيو ويو ته “نهرو رپورٽ ڇا آهي؟” ته ڪجھه به نه ٿو ٻُڌائي سگهي، جڏهن ته پاڪستان اسٽڊي جي سبجيڪٽ ۾ هو ان جي باري ۾ پڙهي به آيو آهي ۽ پنهنجي نوٽ بوڪ ۾ به يقينن نهرو رپورٽ بابت لکي آيو هوندو. اٺين ۽ نائين ڪلاس جي ٻار کان پڇجي ٿو ته “ماحوليات ڇا آهي؟” ته هو ڪو به جواب نه ٿو ڏئي سگهي. ستين ڪلاس جي شاگرد کان پڇيو ويو ته “صفائي ڇو ضروري آهي؟” ته جواب مليو “اهو سبق اسان ناهي پڙهيو” اِهي ۽ اهڙيون ٻيون ڳالهيون ۽ حقيقتون ڏسي تمام گهڻي مايوسي ٿئي ٿي.
پرائيويٽ اسڪولن ۾ ڳريون فيون ڀرڻ ۽ پنهنجي وزن کان وڌيڪ ڪتابن جو بار ڍوئڻ باوجود ٻارن جي ليول اهڙي هجي ته ان جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏجي؟ پرائمري تعليم کي اسين بنيادي تعليم چوندا آهيون، پهرئين ڪلاس کان مئٽرڪ تائين ٻار جو تعليمي بنياد مضبوط ٿيندو آهي ۽ هي اهو عرصو هوندو آهي جنهن ۾ ٻار تمام گهڻو سکندو آهي. هونئن ته سکڻ جو عمل سموري زندگي جاري رهندو آهي پر پهرئين ڪلاس کان مئٽرڪ تائين وارو وقت ٻار لاءِ تمام گهڻو اهم ۽ساڳي وقت حساس به هوندو آهي. ذهني اوسر ۽ تعليمي بنياد ۾ پختگي به انهن ڏهن سالن ۾ ايندي آهي. انهي عرصي ۾ استاد جو ڪردار ته اهم هوندو آهي پر ساڳئي وقت والدين جو به ڪردار اوترو ئي اهم هئڻ ضروري آهي. استاد توڙي والدين ان عرصي ۾ ٻار ڏانهن مناسب ڌيان نه ڏنو ته ٻار جو وڏو تعليمي نقصان ٿيندو آهي، ٻار ڀلي رٽو هڻي امتحان پاس ڪري وڃي پر ان جو تعليمي بنياد ۽ ذهن ڪمزور رهندو.
نائين ڪلاس جي هڪ ٻار جي سنڌي واري فيئر ڪاپي ڏسڻ جو اتفاق ٿيو، شاھ سائين جا بيت ۽ انهن جي سمجهاڻي ڏنل هئي، ٻن ۽ ٽن سٽن وارا بيت هئا پر اهي ڪاپي ۾ نثر وانگر لکيل هئا ۽ ٻن سٽن وارا بيت ٽن سٽن ۾ ۽ ٽن سٽن وارا بيت چئن سٽن ۾ لکيل هئا، جڏهن ٻار کي اهي پڙهي ٻڌائڻ لاءِ چيو ويو ته ان ائين ئي پڙهي ٻڌايا جيئن نثر وارو سبق پڙهبو آهي. مزيدار صورتحال اها هئي ته استاد محترم اها ڪاپي چيڪ ڪري پنهنجي صحي به ڪري ڇڏي هئي پر ان شاگرد جي غلطي کي نه ته درست ڪيو ۽ نه ئي کيس سمجهائڻ جي ڪا تڪليف ڪئي. استاد پنهنجون ذميواريون ان انداز ۾ پوريون ڪندا ته ڪهڙي قسم جا شاگرد پئدا ڪندا، اهو اوهان پاڻ سمجهي سگهو ٿا! ديوار جو بنياد ئي سڌو نه هوندو ته عمارت ڪهڙي هوندي؟
سرڪاري اسڪولن جي حالت ته ابتر آهي ئي پر پرائيويٽ اسڪولن جي صورتحال به ڪا گهڻي بهتر ڪونهي ڪجھه اسڪولن کي ڇڏي باقي سڀني جي حالت خراب آهي. پئسا بچائڻ لاءِ اسڪول مالڪن جي ڪوشش هوندي آهي ته گهٽ پگهار وارا استاد رکن، هنن جو سمورو ڌيان رڳو وڌ کان وڌ ڪمائڻ ڏانهن هوندو آهي، گهٽ پگهار وارا سيکڙاٽ ۽ ناتجربيڪار استاد شاگردن کي ڪجھه سيکارڻ بجاءِ انهن جو تعليمي نقصان ڪندا آهن. والدين جي اڪثريت به ان پاسي ڌيان ناهي ڏيندي ته ٻار جي پڙهائي ڪيئن پئي هلي، ان جا استاد ڪهڙا آهن ۽ هو ڪجھه سکي به ٿو يا نه؟ والدين ٻار جون مارڪون ڏسي خوش پيا ٿيندا آهن کين ڪا به خبر ناهي هوندي ته ٻار جو تعليمي بنياد مضبوط ٿئي ٿو يا نه، اڳتي هلي جڏهن کين ان ڳالھه جو احساس ٿيندو آهي تڏهن ڏاڍي دير ٿي چڪي هوندي آهي.
رڳو ڪورس مڪمل ڪرائڻ ۽ فيئر ڪاپيون ٺهرائڻ ئي سڀ ڪجھه ناهي، ٻار جي ذهني اوسر بنيادي ڳالھه آھي ۽ اها تڏهن ممڪن بڻبي جڏهن ان جو شين جي باري ۾ ڪانسيپٽ ڪليئر ٿيندو. نهرو رپورٽ جي باري ۾ پڙهڻ کان پوءِ سمورو تفصيل ياد نه هجي ته به اها ته خبر هئڻ گهرجي ته اها ڪهڙي بلا آهي!! جيڪو ڪم ڪرايو وڃي ٻئي ڏينهن ان مان پڇڻ به گهرجي جنهن مان خبر پوندي ته ٻار پڙهي آيو آهي يا نه ۽ پڙهي آيو آهي ته ان جو ڪانسيپٽ ڪليئر ٿيو آهي يا رٽو هڻي آيو آهي؟
بنيادي طور استاد سماج جو انتهائي ذميوار فرد هوندو آهي، غير ذميواري سندس پيشي کي ئي نه پر سندس شخصيت کي به داغدار بڻائي سگهي ٿي. جيڪي استاد پنهنجن ذميوارين ۽ فرضن جو پورائو ايمانداريءَ سان نه ٿا ڪن انهن ۽ ڏوهارين ۾ ڪو به فرق نه ٿو ڪري سگهجي. استاد شاگردن لاءِ رول ماڊل هئڻ گهرجي، سندن شخصيت ۽ پڙهائڻ جو طريقو شاگردن تي گهرا اثر ڇڏيندا آهن ۽ ان سان ئي شاگردن جي ڪردار سازي ٿيندي آهي.
سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ اهڙن استادن جي چونڊ ڪرڻ گهرجي جيڪي واقعي استاد بڻجڻ جا اهل هجن، ۽ ان کان پوءِ انهن استادن جي بنيادي ٽريننگ ٿيڻ گهرجي. ان معاملي تي ڪو به ڪمپرومائيز نه ٿيڻ گهرجي. والدين لاءِ ضروري آهي ته اهي پنهنجي ٻار جي ذهني توڙي تعليمي اوسر تي غير معمولي ڌيان ڏين ۽ اسڪول جي ماحول توڙي استادن جي قابليت ۽ پڙهائڻ جي طريقي متعلق به ڄاڻ رکن. روزانو جي بنياد تي والدين کي اهو ڏسڻ گهرجي ته ٻار اسڪول ۾ ڇا پڙهي يا سکي آيو آهي. جيڪڏهن ڪا به غير مطمئن ڪندڙ ڳالھه محسوس ڪن ته فوري طور اسڪول انتظاميا سان رابطو ڪن ۽ کين صورتحال کان آگاھ ڪن. ڪجھه پرائيويٽ اسڪولن ۾ استادن ۽ والدين جي گڏجاڻي وارو طريقو رائج آهي پر اهو سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن سڀني اسڪولن ۾ اهو طريقو رائج ٿيڻ گهرجي. 
اسڪولن ۾ انسپيڪشن ته ٿئي ٿي پر اها گهربل مقصدن بجاءِ رڳو خانه پوري هجي ٿي، انسپيڪشن اهڙي ٿيڻ گهرجي جنهن سان ان جا گهربل مقصد حاصل ٿي سگهن ۽ اسڪول جا تعليمي توڙي انتظامي معاملا بهتر ٿي سگهن. اسڪولن ۾ هفتيوار ۽ ماهوار ٽيسٽون ته ورتيون وڃن ٿيون پر انهن ۾ ان ڳالھه جو خيال نه ٿو رکيو وڃي ته ٻار جو ڪانسيپٽ پوري طرح ڪليئر ٿيو آهي يا نه. ٽيسٽ جو طريقو موثر نه هوندو ته ٽيسٽ خانه پوري کان سواءِ ڪجھ به نه هوندي. ضروري ناهي ته ٽيسٽ رڳو لکت ۾ ورتي وڃي، ڪلاس ۾ زباني طور به ٽيسٽ وٺڻ گهرجي. ساڳئي وقت ٻارن ۾ ڊسڪشن به ڪرائڻ گهرجي جيئن ٻار ۾ زباني طور شين کي واضح ڪرڻ جي صلاحيت سان گڏوگڏ خوداعتمادي پڻ پئدا ٿئي.
تعليم جي موجوده صورتحال توڙي ان جي بهتري لاءِ پاڻ گهڻو ڪجھه ڳالهائيندا رهيا آهيون ۽ ڳالهائي سگهجي ٿو پر بنيادي ڳالھه آھي عمل جي، جيسيتائين عملي طور تي ڪجھه نه ڪنداسين تيستائين ڪا به چڱائي يا بهتري ممڪن نه بڻبي، ڳالهيون ڪيتريون ڪجن يا ڪوڙن انگن اکرن سان ڪهڙيون به دعوائون ڪجن پر حقيقتون ڪڏهن به تبديل نه ٿينديون، رڳو ٻين کي ذميوار بڻائي پنهنجي غير ذميواري کي جسٽيفاء نه ٿو ڪري سگهجي! 
عوام جي زندگيءَ سان لاڳاپيل هر معاملي سان حڪومت جو وڏو تعلق آهي ۽ ان جي ذميواري آهي پر ڪجھه ذميواريون اسان جون به آهن، آئون پنهنجي ڳالھه کي سميٽيندي خاص ڪري تعليم سان لاڳاپيل سڀني فردن جي سوچڻ لاءِ هڪڙو سوال ڇڏيان ٿو.
پنهنجي دل تي هٿ رکي سچائيءَ سان پنهنجو تجزيو ڪيو ته توهان پنهنجا منصبي فرض پورا ڪرڻ ۾ ڪيترا ايماندار آهيو؟