ٺٽو: ٺٽي جي ڪلري بگھاڙ واھ ڊويزن جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر عبدالمالڪ بلو”پنهنجي اخبار” پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آهي ته ٺٽي ضلعي کي غلام محمد بئراج کان ڪي بي فيڊر اپر ذريعي گھربل مقدار کان 9200 ڪيوسڪ کان به گھٽ 1900 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي، هن چيو ته ملندڙ 1900 ڪيوسڪ پاڻي مان 12 سئو ڪيوسڪ پاڻي ڪينجھر مان ڪراچي کي فراهم ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته وڌندڙ گرمي سبب پاڻي جي ضايع ٿيڻ سان گڏ 600 ڪيوسڪ جي لڳ ڀڳ پاڻي ضلعي ٺٽي جي انساني آبادي کي پيئڻ لاءِ فراهم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته گھربل مقدار کان پاڻي جي 70 سيڪڙو ھٽ فراهمي ڪري ضلعي اندر پاڻي جي ڇهن ڇهن ڏينهن جي وارا بندي ڪري صرف پيئڻ لاءِ پاڻي جي فراهمي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته 6 ڏينهن ساڪرو آبپاشي ڊويزن کي پاڻي پاڻي ڏنو ويو ۽ ( اڄ) کان ساڪرو جو پاڻي بند ڪري ٺٽي تعلقي ۾ پاڻي جي فراهمي 6 ڏينهن لاءِ شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڻي جي گھٽ فراهمي ڪري ضلعي اندر ساريال جي فصل جي پوکي تي پڻ پابندي لڳائي وئي آهي.