ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) عيسيٰ ليبارٽري طرفان ٻارن ۾ موتمار بيمارين جي روڪٿام لاءِ عالمي سطح تي ٻارڙن کي ٽڪا لڳائڻ واري عوامي مهم جي سلسلي ۾ 24 کان 30 اپريل تائين هڪ هفتي جي آگاهي پروگرام جي سلسلي ۾ ڪراچي پريس ڪلب ۾ تقريب ٿي، ان موقعي تي عيسيٰ ليبارٽري جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فرح عيسيٰ چيو ته اسان جي ملڪ جو وڏو الميو آهي ته هن وقت تائين پوليو جي مرض کان جند آجي ناهي ٿي، عيسيٰ ليبارٽري، سنڌ حڪومت ۽ يونيسيف سان گڏجي ٽڪن جي آگاهي مهم جو هفتو ملهائي رهيا آهيون انهي هفتي جي عالمي سطح تي شروعات 2012 ۾ ٿي، ميڊيا کي انهي مهم ۾ مکيه ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ، سي ايم اي ايس جي انچارج ڊاڪٽر جئپال ڇاٻڙيا چيو ته هن وقت به سڄي دنيا ۾ 14 ملين ٻار ٽڪن کان محروم ٿي وڃن ٿا،پاڪستان ۾ وري 35 سيڪڙو ٻار ٽڪن کان رهجي وڃن ٿا ، اي پي آءِ جي مانيٽرنگ آفيسر ڊاڪٽر ارسلان چيو ته ويڪسين لڳندڙ هر ٻار جي ڊيٽا ڊجيٽل سسٽم ۾ اچي رهي آهي، انهي ڪري ڪورونا ويڪسين وانگر ٽڪن لڳڻ جو ڪوڙو ڪارڊ ٺهڻ ممڪن ناهي، اميد آهي ته پاڪستان ماتا جيان پوليو کان آجو ٿي ويندو.