ننگرپارڪر (ن پ ا)  ننگرپارڪر تعلقه اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي جي زيادتين خلاف  ڳوٺ بڙتلا جي رهواسڻ روينا زال مصري ميگهواڙ جو  ماءُ   ڏيوي ٻائي ۽ سس  گوري سان گڏجي احتجاج ڪيو، ان موقعي تي روينا ميگهواڙ موجب ته تعلقه اسپتال ۾ مقرر ليڊي ڊاڪٽر ويم ڪرائڻ بدران  ڌڪا ڏئي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو ، هن مطالبو ڪيو ته اسپتال ۾ علاج نه ٿو ڪيو وڃي، نوٽيس ورتو وڃي. هوڏانهن ليڊي ڊاڪٽر اندرا ڪولهي موجب ته ويم لاءِ  اسپتال ۾ آيل روينا ميگهواڙ جي ڊليوري ۾ اڃا  3 هفتا گهٽ هئا ۽ رت جي پڻ گهٽٽائي هئي، سرجري جي ضرورت پيش اچڻ ڪري کيس مٺي ريفر ڪيو. ڌڪا ڏيڻ وارو الزام غلط آهن.