قاضي احمد(ن پ ا)قاضي احمد ويجهو خوراڪ کاتي جي ڪارروائي نوشهروفيروز کان ڪراچي ويندڙ ڪڻڪ جون چار ٽرڪون پڪڙي ورتيون. قومي شاهراهه تي خوراڪ کاتي جي ٽيم ڪارروائي ڪندي نوشهروفيروز کان ڪراچي ويندڙ ڪڻڪ جون چار ٽرڪون پڪڙي 800 ٻوريون ڪڻڪ علي آباد گودام منتقل ڪري ڇڏيون، ٻي طرف فوڊ انسپيڪٽر  علي عباس انڙ موجب ته نوشهروفيروز کان ڪراچي ويندڙ ٽرڪن ۾ لوھه ۽ بهه جا ٻورا ڀري وچ ۾ ڪڻڪ جون ٻوريون هڻي چالاڪي سان ڪڻڪ اسمگل ڪئي پئي وئي، جيڪا ڪوشش ناڪام بڻائي آهي.