ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ پورهيت تي مبينا طور تشدد، بااثرن تي قبضي جا الزام، ان ڏس ۾  ٽنڊو آدم جي  ثنا روشن ٽائون ۾ جوابدار گهر تي حملو ڪري مبينا طور پورهيت ممتاز شيخ کي تشدد جو نشانو بڻائيندا رهيا، جڏهن ته  ڇڏائڻ لاءِ آيل عورتن ۽ ٻارن تي پڻ  تشدد ڪيو ويو، واقعي جو بي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ٻي طرف متاثرن جو احتجاج ڪيو، هنن الزام هنيو ته بااثر گهر تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، انصاف ڪيو وڃي.