نوشهروفيروز (رپورٽر) مختلف ڳوٺن ۾ ترقياتي ڪم ۽ صفائي نه ٿيڻ خلاف چونڊيل ڪائونسلرن ۽ ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي  ڪائونسلرن مظھر راڄپر، قاسم راڄپر، مظھر ڏنگراج، وحيد تڳر ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شهر ۾ ڪي به ترقياتي ڪم ناهن ٿيا، ڪروڙ رپيا بجيٽ هڙپ ڪئي وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس ڪرپشن جو نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي وڃي. ٻئي پاسي يوسيز جي سيڪريٽري عدنان شاھ موجب ته کيس رڳو پگھارن جي بجيٽ ملندي آھي، باقي رقم ڪاڏي ٿي وڃي کيس ڪا خبر ناھي.