ڀارت خلاف ورلڊ ڪپ جي مها دنگل ۾ پاڪستان جي بيٽنگ لائين مڪمل طور ناڪام

0
265
سڀ کان وڏو ميچ: پاڪستان جو 18 اوور مڪمل، 2 وڪيٽن جي نقصان تي 96 رنسون
سڀ کان وڏو ميچ: پاڪستان جو 18 اوور مڪمل، 2 وڪيٽن جي نقصان تي 96 رنسون

ڀارت خلاف ورلڊ ڪپ جي مها دنگل ۾ پاڪستان جي بيٽنگ لائين مڪمل طور ناڪام، قومي ٽيم 43 هين اوور ۾ 191 رنس تي ڍير ٿي وئي، ڀارت کي ميچ کٽڻ لاءِ 192 رنس جو هدف، قومي ٽيم جون وڪيٽس ڌڙا ڌڙ هڪ ٻئي پٺيان ڪرنديون رهيون، عبدالله شفيق 20، امام الحق 36 رنس ۽ ڪپتان بابر اعظم ففٽي ٺاهي آئوٽ، محمد رضوان 49 رنس تي آئوٽ ٿي ويو، سعود شڪيل 6، افتخار احمد 4 ۽ شاداب 2 رنس ٺاهي پويلين موٽي ويو، محمد نواز 4، حسن علي 12 ۽ رئوف 2 رنس رنس تي آئوٽ، ڀارتي ڪپتان روهت شرما جو ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو درست ثابت ٿيو، قومي ٽيم ڀارت کي وڏو هدف ڏيڻ ۾ ناڪام رهي

آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي سڀ کان وڏي ميچ ۾ پاڪستان ڀارت کي کٽڻ لاءِ 192 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو آهي

احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڀارت ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو

پاڪستان جي بيٽنگ لائن اپ ڀارت خلاف بُري طرح ناڪام ٿي وئي پاڪستاني ٽيم 42.5 اوورن ۾ 191 رنسن تي ڍير ٿي وئي

پاڪستان مقرر 35 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 170 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.پاڪستان کي پهريون نقصان عبدالله شفيق جي صورت ۾ ٿيو، عبدالله 20 رنسون ٺاهي محمد سراج جو شڪار ٿي ويو

امام الحق 36 رنسون ٺاهي هاردڪ پانڊيا جي هٿان آئوٽ ٿي ويو. جڏهن ته بابر اعظم کي به 50 رنسن تي سراج آئوٽ ڪيو. سعود شڪيل به 6 رنسون ٺاهي مهمان ثابت ٿيو جڏهن ته افتخار احمد 4 رنسون ٺاهي ڪلديپ جي بال تي بولڊ ٿي ويو. محمد رضوان به 69 بالن تي 49 رنسون ٺاهي جسپريت بمرا جي هٿان ڪلين بولڊ ٿي ويو

محمد رضوان به 69 بالن تي 49 رنسون ٺاهي جسپريت بمرا جي هٿان ڪلين بولڊ ٿي ويو

171 جي مجموعي اسڪور تي شاداب خان صرف 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو

 پاڪستان کي پهريون نقصان عبدالله شفيق جي صورت ۾ ٿيو، عبدالله 20 رنسون ٺاهي محمد سراج جو شڪار ٿي ويو

احمد آباد ۾ اڄ برسات جو ڪو به امڪان ناهي، ميچ دوران موسم گرم ۽ خشڪ رهندي

ڀارتي ميڊيا موجب احمد آباد ۾ صبح جو چمڪندڙ سج لهي آيو، جڏهن ته شام ​​جو وسڻ راند کي متاثر ڪري سگهي ٿو

هن ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت هن وقت تائين ٻه ٻه ميچون کيڏيون آهن ۽ ٻنهي ٽيمن هن وقت تائين هڪ به ميچ نه هاري آهي

پاڪستاني ٽيم ۾ ڪابه تبديلي نه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڀارتي ٽيم ۾ شبمن گل جي واپسي ٿي وئي آهي

 هن کي به پڙهندا

پاڪستان ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو هدف پورو ڪري ورتو