پاڪستان ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو هدف پورو ڪري ورتو

0
305
پاڪستان ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو هدف پورو ڪري ورتو
پاڪستان ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو هدف پورو ڪري ورتو

پاڪستان ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو هدف پورو ڪري ورتو، آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي اٺين مئچ ۾ پاڪستان 6 وڪيٽن تان 345 رنس جو هدف پورو ڪري سريلنڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي

انهيءَ کان اڳ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي اٺين مئچ ۾ سريلنڪا گرين شرٽس کي 345 رنس جو هدف ڏنو هو، سريلنڪا جي بئٽسمين ڌڙاڌڙ رنس وٺي پاڪستاني بالرز جون متيون مُنجهائي ڇڏيون هيون، سريلنڪا مقرر 50 اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 344 رنس ٺاهيون، ڪوشال مينڊس 122 ۽ سمارا اوڪرما 108 رنس ٺاهي نمايان رهيا، پاڪستان پاران حسن علي 4 رانديگر آئوٽ ڪيا