فرضن ۾ غفلت: جيڪب آباد جو ايس ايڇ او رورٽ ۽ معطل

0
358
فرضن ۾ غفلت: جيڪب آباد جو ايس ايڇ او رورٽ ۽ معطل
فرضن ۾ غفلت: جيڪب آباد جو ايس ايڇ او رورٽ ۽ معطل

لاڙڪاڻو ڊي آءِ جي جاويد سونهارو جسڪاڻي فرضن ۾ غفلت ڪرڻ تي جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي ايس ايڇ او انسپيڪٽر عبدالغفور ڇٽو کي ريورٽ ۽ معطل ڪري شوڪاز نوٽيس جاري ڪري واپس رينج ۾ گهرائي ورتو آهي

ان کان علاوه ڊي ايس پي صدر سلطان احمد چانڊيو کان وضاحت طلب ڪندي ايس ايڇ او مولاداد انسپيڪٽر عبدالمجيد ناريجو ۽ ايس ايڇ او آباد سب انسپيڪٽر شفقت علي کي به شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي

ڊي آءِ جي چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جي اهم فرضن ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت ۽ لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي، پوليس آفيسر ايمانداري سان پنهنجا فرائض سرانجام ڏين، عوامي شڪايتن تي قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي.