تربت ۾ هٿياربندن جو گهر تي حملو، پنجاب واسي 6 پورهيت گوليون هڻي قتل

0
169
تربت ۾ هٿياربندن جو گهر تي حملو، پنجاب واسي 6 پورهيت گوليون هڻي قتل
تربت ۾ هٿياربندن جو گهر تي حملو، پنجاب واسي 6 پورهيت گوليون هڻي قتل

تربت ۾ هٿياربندن جو گهر تي حملو، پنجاب واسي 6 پورهيت گوليون هڻي قتل، 2 ڄڻا زخمي

پوليس موجب سيٽلائيٽ ٽائون ۾ ٺيڪيدار نصير احمد جي گهر ۾  اڻڄاتل هٿياربند داخل، پنجاب کان بلوچستان ڪمائڻ آيل 8 پورهيتن کي فائرنگ جو نشانو بڻائي هٿياربند فرار

6 پورهيت ٿڏي تي قتل، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مارجي ويل مزدورن ۾ رضوان، شهباز، وسيم، محمد نعيم، سڪندر ۽ شفيق شامل، زخمي  پورهيت غلام مصطفيٰ ۽ توحيد ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل

نگران وڏي وزير علي مردان ڊومڪي طرفان تربت واقعي جي مذمت، انتظاميا کان رپورٽ طلب، نگران وڏي وزير چيو ته  واقعو مذمت جوڳو آهي، بي گناهه مزدورن جي قتل تي دلي ڏک ٿيو آهي، واقعي ۾ ملوث  جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم