اسرائيل غزه تي زميني حملا به شروع ڪري ڏنا، اسرائيلي فوجي جٿا ٽينڪن جي مدد سان غزه جي علائقي ۾ داخل

0
171
اسرائيل غزه تي زميني حملا به شروع ڪري ڏنا
اسرائيل غزه تي زميني حملا به شروع ڪري ڏنا، اسرائيلي فوجي جٿا ٽينڪن جي مدد سان غزه جي علائقي ۾ داخل

اسرائيل غزه تي زميني حملا به شروع ڪري ڏنا، اسرائيلي فوجي جٿا ٽينڪن جي مدد سان غزه جي علائقي ۾ داخل ٿي ويا

اسرائيلي ميڊيا موجب فوج کي غزه کي حماس پاران يرغمال بڻايل ڪيترن ئي اسرائيلي شهرين جا لاش مليا آهن، غزه مان لڏپلاڻ ڪندڙ فلسطينين جي ٽن قافلن تي اسرائيلي جهازن جي بمباري ۾ وڌيڪ 70 فلسطيني شهيد ۽ سوين زخمي ٿي پيا

اولهندي پٽيءَ ۾ غزه واسين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪيل مظاهري تي اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 16 ڄڻا مارجي ويا

  لبناني سرحد تي به اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۽ گولا باري ۾ هڪ صحافي مارجي ويو ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اسرائيلي فورسز جي حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 2 هزار تائين پهچي ويو، حماس جي حملن ۾ 13 سئو اسرائيلي به مارجي چڪا آهن

هن کي به پڙهندا

اسرائيل جو فلسطينين کي 24 ڪلاڪن اندرغزه مان نڪري وڃڻ جو حڪم