حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هالاناڪي جي علي آباد واري علائقي ۾ بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگري سڙي فوت، هڪ نينگر زخمي ٿي پيو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ سڙي زخمي ٿيل 11 سالن جي نينگر اڪبر مشوري پٽ زبير مشوري ۽ نينگري 6 سالن جي آيت ڌيءُ علي گل کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ سول اسپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو جتان طبي امداد بعد کين ڪراچي ريفر ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي نينگري آيت فوت ٿي وئي آهي. نينگري جو لاش رات دير سان ڪراچي مان حيدرآباد منتقل ڪيو ويو ۽ لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي ٻارن گهر جي ڇت تي راند پئي ڪئي جنهن دوران کين هاءِ ٽرانسميشن تارن مان ڪرنٽ لڳو ۽ هو سڙي زخمي ٿيا. گهر ڌڻين موجب ته سندن گهرن مٿان بجلي جي 132 ڪي وي جي هاءِ ٽرانسميشن لائين گذري ٿي ۽ تارون هيٺ هئڻ سبب 4 کان 5 فٽن تائين بيٺل ماڻهو به متاثر ٿئي ٿو ۽ جيئن ئي ٻار گهر جي سيڙهي کان مٿي ڇت تي پهتا ته کين ڪرنٽ لڳو ۽ هو سڙي زخمي ٿيا. شروعاتي طور ٻنهي ٻارن کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو پر سندن جسم 80 کان 90 سيڪڙو متاثر هئڻ سبب ڊاڪٽرن ڪراچي ريفر ڪيو. علائقي واسين امجد بليدي، فرحان مغل ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ زبير مشوري جي پٽ اڪبر مشوري ۽ سندس ڀاڻيجي آيت ڌيءُ علي گل کي کي ڪرنٽ لڳو جنهن مان نينگري آيت ڪراچي ۾ علاج دوران فوت ٿي وئي آهي جڏهن ته ان کان اڳ ٿيل واقعن ۾ جمشيد علي چانگ، شوڪت گوپانگ ۽ شهزاد وگهيو به متاثر ٿيا هئا جنهن بعد انهن حيسڪو کي بار بار شڪايتون ڪيون آهن ته گهرن مٿان گذرندڙ بجلي جي هاءِ ٽرانسميشن لائين هٽائي وڃي پر ڪو تدارڪ نه ٿو ٿئي. ٻئي طرف حيسڪو ترجمان پاران جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته علي آباد ڪالوني هالا روڊ وٽ 132 ڪي وي هاءِ پاور ٽرانسميشن لائين لڳل آهي ۽ لائين ڀرسان مختلف ماڻهن پاران قبضو ڪري گهر ٺهرايا ويا آهن ۽ اتي رهائش پذير ماڻهن کي بار بار نوٽيس ڏنا ويا آهن ته هو ڄاڻايل علائقن مان لڏي وڃن پر سندن ڪو به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي ان ڪري اهڙي قسم جا واقعا پيش اچي رهيا آهن. ترجمان موجب اي سي آپريشن اعجاز احمد شيخ ۽ ٻيا واقعي واري هنڌ پهتا هئا جنن ٿاڻي پهچي غيرقانوني طور رهندڙ ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.