پيرس: فيٽف جي سربراهه ڊيوڊ مارڪوس پليئرز پاڪستان کي گري لسٽ ۾ رکڻ بابت ڀارت جي دٻاءُ ۾ اچڻ جا الزام رد ڪري ڇڏيا. هن پريس ڪانفرنس ۾ سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته فيٽف پاڪستان خلاف ڀارت سميت ڪنهن ملڪ جي دٻاءُ ۾ اچڻ کانسواءِ ۽ 39 ملڪن ۽ مبصرن جي جي اڪثريت راءِ سان فيصلو ڪندو آهي ان تي ڪنهن هڪ ملڪ جي دٻاءُ ۾ اچڻ جو تاثر غلط آهي.