اسلام آباد: ايف اي ٽي ايف ۾ پاڪستان جي نمائندگي وفاقي وزير حماد اظهر ڪئي. ان حوالي سان ناڻي واري وزارت بيان جاري ڪري چيو آهي ته اجلاس ۾ پاڪستان جي حوالي سان صورتحال ڪجهه عرصي لاءِ جيئن جو تيئن رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ٻنهي ايڪشن پلانز جي باقي نڪتن تي عمل لاءِ ڪافي ڪم ٿي چڪو آهي. فيٽف پاڪستان جو آئنده جائزو فيبروري 2022ع ۾ وٺندو. ذريعن موجب 27 نڪتن تي عمل مڪمل ٿيڻ باوجود پاڪستان کي گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.