ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي 5 فنڪارن انٽرٽينمنٽ جي شعبي ۾ “30 انڊر 30 ڏکڻ ايشيائي لسٽ” ۾ جڳهه ٺاهي ورتي آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب برطانوي اخبار ۾ هر سال “ايسٽرن آءِ” هن سال انٽرٽينمينٽ انڊسٽري سان لاڳاپيل 30 ورهين کان گهٽ عمر جي نوجوان فنڪارن کي انهن جي بهترين ڪارڪردگي تي ساراهيندي اعزاز سان نوازيو. هلندڙ سال جاري ڪيل لسٽ ۾ 5 پاڪستاني اداڪار، جڏهن ته 1 پاڪستان ڄائي ڪيينڊين فنڪارا ان لسٽ ۾ جڳهه ٺاهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هلندڙ سال جن فنڪارن کي ان فهرست ۾ شامل ڪيو ويو انهن ۾ 29 ورهين جو اذان سميع خان، سجل علي، بلال عباس خان، 26 سالن جو عاصم اظهر ۽ 25 سالن جي ڪنزا هاشمي شامل آهن. ان کانسواءِ مارول اسٽوڊيو جي سيريز “مس مارول” سان شهرت ماڻيندڙ ۽ مُک ڪردار ادا ڪندڙ 20 سالن جي پاڪستان ڄائي ڪينيڊين اداڪارا ايمان ويلاني به ان لسٽ ۾ شامل آهي.