ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور ”منا ڀائي ۽ سرڪٽ“ جي جوڙي هڪ ڀيرو ٻيهر سينيما گهرن ۾ جلوا ڏيارڻ لاءِ تيار ٿي وئي. فلم ”منا ڀائي ايم بي بي ايس“ 2003 ۾ ريليز ٿي هئي، جنهن ۾ سنجي دت “منا” جڏهن ته ارشد وارثي ”سرڪٽ“ جو مشهور ڪردار ادا ڪيو هو،  جڏهن ته سنجي دت ۽ ارشد وارثي پاران سوشل ميڊيا تي پنهنجي نئين فلم جو پوسٽر شيئر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ٻئي قيدي جي ڪپڙن ۾ جيل ۾ بيٺل آهن. سنجي دت فلم جو پوسٽر شيئر ڪندي لکيو ته اسان جو انتظار توهان کان ڊگهو رهيو پر نيٺ اهو انتظار ختم ٿيو، مان پنهنجي ڀاءُ ارشد سان گڏ هڪ ڀيرو ٻيهر مزي سان ڀريل فلم کڻي اچان پيو. ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب سنجي دت ۽ ارشد وارثي هڪ هڪ ڪاميڊي فلم آهي جنهن کي سنجي دت جي پروڊڪشن ۾ ٺاهيو پيو وڃي جڏهن ته ان فلم جي هدايتڪاري سڌانت سچديو ڪئي آهي،