واشنگٽن: (م ڊ) پاڪستان جي سخت موقف کان پوءِ آمريڪا پنهنجي بيان تان ڦري ويو، آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته ايٽمي اثاثن جي تحفظ لاءِ پاڪستان تي مڪمل ڀروسو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي پاڪستان بابت صدر جوبائيڊن جي موقف تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته صدر جوبائيڊن يقين رکي ٿو ته محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان آمريڪي مفادن جي لاءِ انتهائي اهم آهي. پرڏيهي کاتي اهو به چيو ته پاڪستان سان ڊگهي وقت کان جاري تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. آمريڪا ايٽمي اثاثن جي تحفظ جي لاءِ پاڪستان مٿان اعتماد آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي صدر جو هڪ بيان سامهون آيو هو جنهن ۾ هن پاڪستان جي ايٽمي اثاثن کي غير منظم قرار ڏنو هو جنهن ۾ پاڪستان سميت روس ۽ چين به شامل هئا. وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي صدر جي بيان کي رد ڪندي چيو هو ته پاڪستان جا ايٽمي اثاثا محفوظ ۽ عالمي قانون موجب آهن. اسان جا ايٽمي اثاثا پنهنجي ملڪ جي سالميت لاءِ آهن ڪنهن ملڪ خلاف جارحيت لاءِ نه آهن.