ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئشن (سگا) جي مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي ۾ پروفيسر سليم ميمڻ جي ميمبرشپ تان اختلاف، ووٽنگ واري معاملي تي چيئرپرسن اجلاس مان ڪاوڙجي هلي وئي. ذريعن موجب سگا جي مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبر  پروفيسر سليم ميمڻ خلاف  ڪاروباري ڪاميٽي جي 30 مان 22 ميمبرن بي اعتمادي واري  رٿ جمع ڪرائيندي الزام هنيو هو ته پروفيسر سليم ميمڻ غير آئيني طريقي سان ميمبر چونڊيو ويو آهي، هن سگا جي هيڊ آفيس، پبلڪ اسڪول گڏاپ ۽ سگا جي ڪمن ڪارن ۾ غير ضروري مداخلت شروع ڪئي آهي، انهي ڪري مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي مان سندس ميمبر شپ ختم ڪئي وڃي، جنهن بعد گذريل اجلاس ۾ انهي رٿ تي ووٽنگ ڪرائي وئي، جنهن ۾ 19 ميمبرن پاران پروفيسر سليم ميمڻ خلاف ووٽ ڏنو، جڏهن ته کيس هٽائڻ لاءِ 20 ووٽ گهربل هئا، ڪالهوڪي اجلاس ۾ به سليم ميمڻ خلاف ڳالهائيندي ڪجهه ميمبرن الزام هنيو ته سگا جي ٿيل پروگرام ۾ سليم ميمڻ پاران خرچ ڪيل  60 لک رپين جي آڊٽ ڪرائي وڃي، جڏهن ته ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ خرچ ڪيل 2 ڪروڙ رپين جو حساب ڏنو وڃي، سليم ميمڻ کي هٽائڻ لاءِ ووٽنگ ڪرائي وڃي، جنهن تان سگا چيئرپرسن مهتاب اڪبر راشدي ڪاوڙجي اجلاس مان اٿي هلي وئي، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي سگا جي سيڪريٽري ولي محمد روشن ٻڌايو ته سليم ميمڻ  خلاف ووٽنگ واري معاملي تي ميمبرن وچ ۾ بحث ٿيو، جيڪا ڳالهه چيئرپرسن کي نه وڻي، اها اجلاس مان ڪاوڙجي هلي وئي، باقي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ 2 ڪروڙ رپيا اسان اسڪول فنڊ مان قرض طور ورتا هئا، انهي مان امدادي سامان ورتو هو،  هن چيو ته سليم ميمڻ تي ڪرپشن جي الزامن ۾ صداقت ناهي، باقي سندس خلاف بي اعتمادي واري درخواست تي مون به صحيح ڪئي هئي پر پوءِ سندس خلاف ووٽ ڪونه ڏنو، هن چيو ته چيئرپرسن جي وڃڻ کانپوءِ وائيس چيئرپرسن علي حسن بروهي جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو هو، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ناليواري اديب پروفيسر سليم ميمڻ موقف ڏيڻ کان لنوائيندي چيو ته هو مٿس لڳل الزامن بابت ڪجهه چوڻ نٿو چاهي، سگا جي چيئرپرسن کان پڇيو وڃي.