جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد ويجهو مامي ڪارنهن الزام هيٺ هڪ مهينو اڳ طلاقيل سڳي ڀاڻيجي کي قتل ڪرڻ کانپوءِ نوجوان کي به قتل ڪري ڇڏيو، ڪيس 3 ڄڻن تي ڪيس داخل، ان ڏس ۾ شهر جي  صدر ٿاڻي جي حد جڙيا چوڪ جي علائقي ۾ بهرام فقير پنهنجي 23 ورهين جي طلاقيل ڀاڻيجي ثناءَ زال چنيسر کوسو کي پسٽل جون گوليون هڻي فرار ٿي ويو، وارث ناري کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو جتي ناري زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو،  جڏهن ته جوابدارن ڀاڻيجي سان ڪارنهن الزام هيٺ آيل ڳوٺ صحبت کوسو ۾ نوجوان سجاد کوسو کي به  گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اسپتال ۾ موجود مقتولا جي پيءُ سردار کوسو ٻڌايو ته ڌيءَ ثناءَ کي مڙس چنيسر مهينو اڳ طلاق ڏئي گهران ڪڍيو، جيڪا مون سان رهندي هئي، منهنجو سالو ۽ ڇوڪري جو مامو ڪراچي کان ٻه ڏينهن اڳ اسان جي گهر پهتو جنهن  ڪمري ۾ ويٺل پنهنجي ڀاڻيجي کي گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري فرار ٿي ويو آهي.هوڏانهن  مقتول سجاد کوسو جي پيءُ صحبت کوسو ٻڌايو ته جوابدار بهرام فقير، حاڪم فقير، رحيم فقير منهنجي پٽ سجاد کي بيدرديءَ سان قتل ڪري مون سان ظلم ڪيو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.ٻي طرف پوليس موجب ته مقتول سجاد کوسي قتل جو ڪيس مولاداد ٿاڻي تي پيءُ صحبت کوسو جي فرياد تي بھرام فقير، حاڪم فقير ۽ رحيم فقير تي داخل ڪيو ويو آهي، مقتولا ثناءَ کوسو جي قتل ڪيس داخل نه ٿيو.