پاڪستان تحريڪ انصاف جو صدر چوڌري پرويز الاهي گرفتار

0
362
پاڪستان تحريڪ انصاف جو صدر چوڌري پرويز الاهي گرفتار
پاڪستان تحريڪ انصاف جو صدر چوڌري پرويز الاهي گرفتار

لاهور: پاڪستان تحريڪ  انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي کي گرفتار ڪيو ويو آهي

اينٽي ڪرپشن پوليس  چوڌري پرويز الاهي کي گهر  جي ڀرسان گرفتار ڪري ورتو

چوڌري پرويز الاهي کي لاهور ۾ سندس گهر ويجهو گرفتار ڪيو ويو، پرويز الاهي کي اينٽي ڪرپشن پوليس گرفتار ڪيو

ذريعن موجب چوڌري پرويز الاهي پنهنجي ڪار ۾ وڃي رهيو هو ته پوليس ڪار کي روڪي کيس گرفتار ڪري ورتو

 اينٽي ڪرپشن اهلڪار پرويز الاهي کي ٻي گاڏي ۾ کڻي پاڻ سان گڏ وٺي ويا

چوڌري پرويز الاهي جي ترجمان به پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير جي گرفتاري جي تصديق ڪئي آهي

ياد رهي ته چوڌري پرويز الاهي ڪرپشن ڪيس ۾ عدالت ۾ عبوري ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي پر گوجرانوالا جي اينٽي ڪرپشن عدالت چوڌري پرويز الاهي جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي ڇو ته پرويز الاهي عدالت ۾ پيش نه ٿيو هو