اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان بار ڪائونسل به جسٽس مظاهر نقوي خلاف سُپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو، پاڪستان بار جي وائيس چيئرمين هارون الرشيد ۽ چيئرمين ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي حسن رضا پاشا طرفان ريفرنس داخل ڪيو ويو، جسٽس مظاهر نقوي خلاف ترت جاچ ڪري ڪارروائي جي استدعا ڪئي وئي، اُن کان اڳ مختلف وقتن تي جسٽس مظاهر نقوي خلاف ريفرنسز داخل ڪيا ويا.