اسلام آباد(م ڊ) قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته فيض حميد بابت ڪوبه سياسي بيان نه ڏيندس، پر جيڪو به اختيار اورانگهي، اُن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، فيض حميد جي باري ۾ پهرين پاڻ پڙهندس، پوءِ ڪو جواب ڏيندس، هن چيو ته توشه خانه جو سمورو رڪارڊ گڏ ڪيو پيو وڃي، 2000ع کان هيل تائين جو سمورو رڪارڊ عوام آڏو پڌرو ڪيو ويندو، جيڪو رڪارڊ موجود آهي، اُهو جلد شايع ڪيو ويندو،اعظم نذير تارڙ چيو ته نيب آرڊيننس ۾ نيب چيئرمين جي اختيارن بابت رڳو هڪ ترميم ڪئي وئي آهي، نيب چيئرمين جي غيرموجودگي ۾ ڊپٽي چيئرمين کي ڪجهه اختيار ڏنا ويا آهن، نئين ترميم تحت نيب جي ڊپٽي چيئرمين کي به چيئرمين وارا اختيار حاصل هوندا، نيب جي دائري ۾ نه ايندڙ ڪيسز کي لاڳاپيل ادارن ڏانهن اُماڻيو پيو وڃي.