اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان آءِ ايم ايف جو وياج جي شرح وڌائڻ واري شرط تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو. ناڻي وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان وياج جي شرح ۾ وڌيڪ 2 سيڪڙو تائين وڌائڻ تي آءِ ايم ايف سان اتفاق ڪري ورتو آهي. ناڻي وزارت جي اختيارين موجب پاڪستان سان آءِ ايم ايف جون ڳالهيون رات دير تائين جاري رهيون، آءِ ايم ايف جي هر نقطي جو تفصيل جا جائزو وٺي رهيا آهيون، هاڻي رڳو ٽيڪنيڪي سطح تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي. ناڻي وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته وياج جي شرح ۾ وڌيڪ 2 سيڪڙو اضافو ڪيو ويندو، پاور سيڪٽر معاملي تي تفصيل طئي ڪيا پيا وڃن، ان حوالي سان معاملا طئي ٿيڻ کانپوءِ اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويندو. وياج شرح 2 سيڪڙو وڌائڻ سان 19 سيڪڙو ٿي ويندي، جنهن سان مهانگائي ۾ اضافو ٿي ويندو. ذريعن مطابق آءِ ايم ايف 2400 ارب رپين جي بجلي شعبي جي گردشي قرض جي مسئلي جي حل لاءِ في يونٽ بجلي تي 3 رپيا 90 پيسا سرچارج لڳائڻ جي تجويز ڏني آھي، آءِ ايم ايف جي اهڙي تجويز تي وفاقي حڪومت بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين سان ڳالهيو ڪرڻ لاءِ وقت گهري ورتو آھي، ذريعن مطابق آءِ ايم ايف پاڪستان کي گردشي قرض جو مامرو حل ڪرڻ کي ضروري قرار ڏئي ڇڏيو آھي. ذريعن مطابق آءِ ايم ايف پاڪستان کي جُون تائين ٻن مهيني جي امپورٽ جي ضرورت جيترا مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو بندوبست ڪرڻ جو شرط لڳايو آھي، وفاقي حڪومت جون تائين مختلف ملڪن کان رقم ملڻ بابت به آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪيو ويو