پاڪستاني نسل آمريڪي عورت جو قتل: اڳوڻي مڙس جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

0
365

ڪراچي(م ڊ) پاڪستاني نسل آمريڪي عورت وجيهه سواتي جي قتل ڪيس ۾ گرفتار مقتولڻ جي اڳوڻي مڙس رضوان حبيب کان پڇا ڳاڇا دوران وڌيڪ انڪشاف سامهون آيا آهن

پوليس موجب وجيهه سواتي قتل ڪيس جي جوابدار رضوان حبيب انڪشاف ڪيو آهي ته سندس والد چيو هو ته وجيهه کي قتل ڪرڻ تي رڳو 50 هزار رپيا لڳندا

پوليس موجب رضوان حبيب ٻڌايو ته هن پنهنجي اڳوڻي زال وجيهه کي تيز اوزار سان قتل ڪري لاش گاڏي جي ڊگي ۾ رکي هنگو منتقل ڪيو ۽ جوابداراتي پنهنجي ويجهي مائٽ جي گهر آندو

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار رضوان حبيب پوليس کي ٻڌايو ته هن قتل کانپوءِ پولينڊ وڃي پناهه ۽ شهريت حاصل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو هو، جنهن لاءِ پاسپورٽ به حاصل ڪيو هو

پوليس ذريعن موجب جوابدار رضوان حبيب جو وڌيڪ جسماني رمانڊ عدالت مان حاصل ڪيو ويندو

ٻئي طرف مقتول وجيهه جي خانداني ذريعن تصديق ڪئي آهي ته وجيهه سواتي جو مڙهه آمريڪا اماڻيو ويندو، وجيهه جي ٻارن سندس ماءُ جو مڙهه پاڪستان ۾ دفنائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ آمريڪي سفارتخاني جا اهلڪار لاش کي نيويارڪ موڪلڻ جا انتظام ڪري رهيا آهن