ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار ميهڙ جو جاکوڙي رپورٽر پاويل جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو

0
284

دادو (ن پ ا)  ميهڙ ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار ميهڙ جو جاکوڙي رپورٽر پاويل جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو، پاويل جوڻيجو کي جگر جي سائي ۽ شگر جي مرض سبب لاڙڪاڻو نيو ويو هو جتي هو فوت ٿي ويو، اطلاع ملندي ئي ميهڙ ۽ ٻين شهرن جي صحافين ۾ سوڳ واري لهر ڇائجي وئي

پاويل جوڻيجو جو مڙھ لاڙڪاڻو کان ميهڙ آندو ويندو، جتي ڳوٺ گهاڙي جي قبرستان ۾ سندس تدفين ڪئي ويندي، ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سٿ پاران پاويل جوڻيجو جي لاڏاڻي تي پڻ ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ ڌڻي در دعا آهي ته مرحوم کي الله پاڪ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرماءِ ۽ سندس وارثن کي صبر جي توفيق عطا فرماءِ