معافي قبول: سپريم ڪورٽ طرفان مرتضيٰ وھاب کي ھٽائڻ وارو فيصلو واپس

0
416

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ گٽر باغيچه ڪيس جي ٻڌڻي دوران سخت لهجو استعمال ڪرڻ تي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب کي  سندس عهدي تان هٽائي ڇڏيو ۽ ڪجهه دير بعد معافي وٺڻ تي بحال ڪري ڇڏيو

ڪراچي رجسٽري ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب عدالت ۾ پيش ٿيو. جسٽس امين قاضي ان موقعي تي مرتضيٰ وهاب کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي زمينون رياست جون آهن، توهان جي ذاتي ملڪيت نه آهن. اهي زمينون توهان کي واپس ڪرڻيون پونديون، اسان نه وٺنداسين ته  ٻيو ڪو اچي توهان کان وٺندو

ان تي مرتضيٰ وهاب جارحاڻي لهجي ۾ چيو ته ڇا اسان هليا وڃون، حڪومت ڇڏي ڏيون؟ اوپن ڪورٽ ۾ حڪومت خلاف وڏيون وڏيون آبزرويشنس پاس ڪيون وڃن ٿيون. مرتضيٰ وهاب جي ڳالهه تي چيف جسٽس سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ مرتضيٰ وهاب کي مخاطب ٿيندي چيو، مسٽر توهان چپ ڪيو! ڪهڙي ڳالهه پيا ڪيو، توهان هتي سياست پيا ڪيو، نڪري وڃو هتان، هاڻي ئي توهان کي فارغ ڪيون ٿا. توهان ايڊمنسٽريٽر آهيو يا سياسي اڳواڻ؟  ايڊمنسٽريٽر کي شهرين جي خدمت لاءِ رکيو ويندو آهي ته جيئن غير جانبداري سان ڪم ڪن، ايڊمنسٽريٽر جو عهدو سياست لاءِ نه هوندو آهي

چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ظاهري طور ايڊمنسٽريٽر پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، ايڊمنسٽريٽر جو رويو شهرين جي خدمتگار وارو نه پر سياسي اڳواڻن وارو آهي

عدالت سنڌ جي وڏي وزير کي ڪنهن اڻ ڌري ۽ اهل ماڻهوءَ کي ايڊمنسٽريٽر لڳائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته مرتضيٰ وهاب ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جي عهدي لاءِ اهل نه آهي. مرتضيٰ وهاب عدالت کان پنهنجي رويي تي معافي ورتي ۽ چيو ته مان معافي وٺان ٿو ۽ پنهنجي رويي تي معذرت ڪيان ٿو. ان تي جسٽس قاضي امين رمارڪس ڏنا ته اسان توهان کي هٽائي چڪا آهيون، توهان هاڻي ايڊمنسٽريٽر نه رهيا آهيو. توهان رياست نه آهيو، حڪومت آهيو، ٻنهي ۾ فرق جي خبر هئڻ گهرجي. توهان جو عهدي تي رهڻ مفادن ۾ ٽڪراءُ هوندو

عدالت ڪارروائي ۾ مختصر وقفي کانپوءِ مرتضيٰ وهاب جي معافي قبول ڪري ورتي ۽ کيس عهدي تان هٽائڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو

ھي به پڙھندا

سپريم ڪورٽ: نسلا ٽاور کي ڊاهڻ جو ڪم هفتي اندر مڪمل ڪرڻ جو حڪم