توهان کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪيو، جيڪو چوڻو آهي چئو، توهان کي وڃڻو ته پوندو: راڻا ثناءُ الله

0
220
نواز شريف ايندڙ سال

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله گهرو وزير شيخ رشيد جي بيان تي ردعمل ۾ چيو آهي ته نوازشريف اڃا آيو ئي نه آهي، حڪومت جو گهنڊو وڄي ويو، نوازشريف جي واپسي جو خوف کيس سمهڻ نه ٿو ڏئي

هن چيو آهي ته توهان کي جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي ڪيو، جيڪو ڪجهه چوڻو آهي چئو، توهان کي وڃڻو ته پوندو، نااهلي ۽ ڪرپشن جي سونامي آڻيندڙ جون رڙيون نڪري ويون آهن

هن چيو ته نيازي سميت هر وزير ۽ ترجمان جو بيان ۽ پريس ڪانفرنس رڳو نواز شريف، شهباز شريف آهن، عمران نيازي ۽ پنڊي جي شيطان کي هڪ ئي پيغام آهي ته توهان کي گهٻراڻٻو نه آهي، چپڙاسي جي بيان مان ثابت ٿيو ته اهي نه رڳو نروس آهن پر ڊنل به آهن

هن چيو ته عمران نيازي خوف وچان پارٽي جو آئين ختم ڪري ڇڏيو، هاڻي پي ٽي آءِ بطور جماعت قانوني طور ختم ٿي چڪي آهي

سڄي قوم پنهنجي قائد محمد نواز شريف جي استقبال جي منتظر آهي

هن چيو آهي ته جن ماڻهن جون ٽڪيٽون عوام ڪاٽي ڇڏيون اهي پنهنجي ٽڪيٽ جي فڪر ڪن، نواز شريف ۽ شهباز شريف تي رڳو الزام آهن، ڪو ثبوت ناهي، وزيراعظم نوازشريف جڏهن پهتو ته عمران نيازي، شيدا ٽلي ۽ ڀرتي ڪيل ترجمانن وٽ لڪڻ جي جاءِ نه ملندي