ڪراچي(شوبز نيوز) ناليواري پاڪستاني اداڪار عمران عباس جو ڀارتي اداڪارا اميشا پٽيل سان گڏ فلمي انداز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي. عمران عباس فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي اميشا پٽيل سان گڏ هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي. وڊيو ۾ عمران عباس ۽ اميشا پٽيل کي گڏ باليووڊ جي فلم ڪرانتي جي هڪ گاني ”دل ۾ درد سان جگا هي“ تي فلمي انداز ۾ پرفارم ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. هن اها وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته پنهنجي دوست اميشا پٽيل سان گڏ پنهنجي پسنديده باليووڊ جي ڌنن منجهان هڪ ڌُن تي اسان جو فلمي انداز آهي، جنهن کي حقيقت ۾ به اميشا پٽيل تي ئي فلمايو ويو هو جڏهن ته گلوڪار اديت نارائن ۽ الڪا ياگنگ پنهنجي آواز ۾ ڳايو آهي. اداڪار جي ان وڊيو کي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي.