اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ حڪومت وچ ۾ پارلياماني جنگ تيز ٿي وئي. ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن جون وڌيڪ استعيفائون منظور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هڪ طرف پي ٽي آءِ جي پارلياماني قومي اسيمبلي ميمبرن کي اڄ اسلام آباد پهچڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن ته ٻئي طرف وڌيڪ استعيفائون منظور ڪرڻ تي غور جو اشارو به سامهون اچي ويو. جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن کي اڄ اسلام آباد پهچڻ جا حڪم جاري ڪرڻ واري مامري کي نظر ۾ رکندي اسپيڪر قومي اسيمبلي جو اجلاس اچ بجاءِ جمعي 27 جنوري تائين(هڪ هفتي جي لاءِ) ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي 35 استعيفائن جي منظوري کان پوءِ باقي رهيل قومي اسيمبلي ميمبر اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ٽڪيٽون به بڪ ڪرايون هيون. تازي اڳڀرائي کان پوءِ پي ٽي آءِ پارلياماني پارٽي جو اهم ترين اجلاس هاڻ جمعي يا ڇنڇر تي طلب ڪرڻ جو امڪان آهي جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن مان پارلياماني اڳواڻ جي چونڊ، چيف وهيپ سميت ٻين عهدن جو فيصلو ڪيو ويندو. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جلد ئي مخالف ڌر جي اڳواڻ جو عهدو وٺڻ لاءِ باضابطه طور تي درخواست ڏيندي. ان سلسلي ۾ اسد عمر کي وڏي ذميواري ڏني وئي آهي. ٻئي طرف اسپيڪر آفيس ۾ پي ٽي آءِ جي ٻين ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪرڻ جي آپشن تي به غور شروع ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي ٻين ميمبرن جي اسيمبلي ۾ واپس وڃڻ جي حوالي سان حڪومت وڌيڪ استعيفائون منظور ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي. هوڏانهن پي ٽي آءِ طرفان مخالف ڌر اڳواڻ، پارلياماني اڳواڻ ۽ پي اي سي جي سربراهن جا نالا شارٽ لسٽ ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب فخر امام، رياض فتيانه ۽ منزه حسن جي نالن تي حتمي غور ڪيو پيو وڃي. پر اپوزيشن اڳواڻ، پارلياماني اڳواڻ ۽ چيف وهپ جو حتمي فيصلو عمران خان ڪندو. هوڏانهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو وفد مون سان ملڻ آيو، جيڪي ماڻهو ماڻهو وٽ آيا يا جن ميڊيا تي اچي استعيفائن بابت چيو ۽ مون کي اطمينان ڏياري ڇڏيو ته مون مطمئن ٿي اهڙن ميمبرن جو استعيفائون منظور ڪري ڇڏيون، ميڊيا سان ڳالهائيندي اسپيڪر جو وڌيڪ چوڻ هو ته مون سان پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي ميمبرن رابطو ڪري چيو آهي ته اهي اڃا سوچي رهيا آهن، هن چيو ته جڏهن استعيفائون منظور ڪيان ٿو ته به گوڙ مچي ٿو وڃي ۽ جڏهن نه ٿو ڪيان تڏهن به گوڙ ڪيو پيو وڃي، عمران پاران اسيمبلي ۾ واپسي جي اشاري بعد استعيفائن جي منظوري واري سوال تي راجا پرويز اشرف چيو ته اهڙي ڳالهه ناهي جڏهن پي ٽي آءِ جو وفد آيو هو تڏهن کان منظوري جو عمل شروع ٿي چڪو هو، مان هاڻي به چاهيان ٿو ته جن جون استعيفائون منظور نه ٿيون آهن اهي اسيمبلين ۾ واپس اچن.