نئين دهلي (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڀارت کي ڳالهين جي آڇ تي ڀارت جو جواب سامهون اچي ويو. ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ارندام باغچي پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت سدائين پاڪستان سان معمول جا پاڙيسري وارا لاڳاپا چاهي ٿو پر انهن لاڳاپن لاءِ سازگار ماحول هجڻ گهرجي، سازگار ماحول ۾ دهشت، دشمني يا تشدد نه هجي. واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارت کي ڳالهين جي دعوت ڏني هئي، شهباز شريف چيو هو ته ڪشمير سميت سڀني مسئلن جي حل لاءِ ڳالهيون اڻٽر آهن.