اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي سڀني سيٽن تي ڪاميابي جو نوٽيفڪيسن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن عمران خان جي ڪاميابي کان پوءِ خرچن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي نوٽيس ورتو هو، جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪميشن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان جي 7 تڪن تي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته عمران خان چونڊ خرچن جا تفصيل فراهم ڪري ڇڏيا آهن پر ان پاران دير سان خرچن جا تفصيل ڏيڻ کي درگذر ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن عمران خان کي اين اي 22 مردان، اين اي 24 چارسده، اين اي 31 پشاور، اين اي 108 فيصل آباد، اين اي 118 ننڪاڻه، اين اي 45 ڪرم ۽ اين 239 ڪورنگي تان ڪامياب قرار ڏنو آهي، اليڪشن ڪميشن 20 ڊسمبر تي اهو فيصلو محفوظ ڪيو هو.