دبئي(اسپورٽس نيوز) ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ لاڳيتو خراب ڪارڪردگيءَ کانپوءِ وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان کان پهرين پوزيشن کسجي وئي، ڀارتي بيٽر سوريا ڪمار يادو پهرين نمبر تي قبضو ڄمائي ورتو. ان سلسلي ۾ آءِ سي سي پاران نئين ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي. نئين رينڪنگ موجب قومي ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان کان پهرين کسجي وئي  ڀارتي بيٽر سوريا ڪمار يادو پهرين پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو. جڏهن ته ويرات ڪوهلي به ڏهين نمبر تي اچي ويو آهي. قومي ٽيم جو ڪپتان بابراعظم 780 پوائنٽن سان چوٿين پوزيشن تي موجدو آهي، جڏهن ته محمد رضوان 7 ريٽنگ پوائنٽس گهٽجڻ کانپوءِ 842 پوائنٽس سان ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي. آءِ سي سي مينز ٽي 20 رينڪنز ۾ سوريا ڪمار 863 پوائنٽس سان پهرين، محمد رضوان 842 سان ٻئي، نيوزيلينڊ جو ڊيون ڪانوي 792 پوائنٽس سان ٽئين پوزيشن تي قابض آهي. ويرات ڪوهلي 638 پوائنٽس سان 10 هين پوزيشن تي پهچي ويو آهي. بالرن جي رينڪنگ ۾ افغان اسپنر راشد خان پهرين، وينندو هسارنگا ٻئي، تبريز شمسي ٽئين، جوش هيزل ووڊ چوٿين، مجيب الرحمان پنجين، سيم ڪيورن ڇهين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته قومي ٽيم جو ڪابه بالر ٽاپ 10 ۾ موجدو نه آهي، جڏهن ته حارث رئوف 17 هين نمبر تي موجود آهي.