سوال/سروي … عمران لانگ مارچ بعد سنڌ جو رخ ڪري ڇا ڪندو؟ جونيئر ذوالفقار وزيراعليٰ سنڌ ٿيندو؟ عوام جي راءِ

0
410

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نواز شريف کي سندس تڪ ۾ هارائيندس، لانگ مارچ بعد سنڌ جو رخ ڪندس، سنڌ جي ماڻهن کي زرداري کان آزادي ڏياريندس، عمران خان جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي ڪجهه ماڻهن عمران خان جي سنڌ اچڻ جي آجيان ڪئي ته ڪجهه ماڻهن وري مخالفت ڪئي، نواز شريف جي مقابلي تي به راءِ جو اظهار ڪيو ويو، عمران مٿان تنقيد سان گڏ مختلف تجويزون به پيش ڪيون ويون، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي غلام قادر لکيو ته پيپلز پارٽي مان سنڌ جو عوام بيزار ٿي چڪو آھي عمران خان کي سنڌ مان تمام سٺي موٽ ملندي، رزاق بجير لکيو ته عمران خان سنڌ ۾ زرداري مان سنڌين جي جان ڇڏائڻ سان گڏ اِھو پڻ اعلان ڪري ته افغاني، ايراني ۽ ٻين ڌارين مان سنڌ جي جان آجي ڪرائيندس، عطاءُالله جوڻيجو لکيو ته هي ماڻهن کي بيوقوف پيو بنائي، عظمت الله ٻرڙو لکيو ته ميان نواز شريف پنجاب جي عوام جي دلين ۾ ٿو رهي، عمران کي شڪست ملندي، سنڌ ۾ به عمران کي موٽ نه ملندي،دليپ ڪمار به راءِ جو اظهار ڪيو، نور احمد ڪاتيار لکيو ته پي ٽي آءِ کي سنڌ ۾ سياست ڪرڻ گهرجي، عمران خان جيڪڏهن پنهنجي سنڌ دشمن پاليسن تي نظرثاني ڪري مقابلي ۾ لهي ٿو ته اها چڱي ڳالهه آهي. گل حسن شر لکيو ته جيڪڏھن عمران خان سنڌ ۾ وزيراعليٰ شپ لاءِ جونيئر زوالفقار کي اميدوار ڪري ٿو ته پوءِ ٿي سگھي ٿوسنڌ مان پي ٽي آئي کٽي وڃي، علي اصغر چانڊيو به سروي ۾ حصو ورتو، سيد احمد شاهه لکيو ته عوام ۾ ھن وقت عمران خان جي مقبوليت آھي اليڪشن صاف شفاف ٿيندي ته عمران خان کٽي ويندو، اي بي سومرو لکيو ته حڪومت ۾ هو ته  عمران کي سنڌ ياد نه آئي،  جمال الدين چنا لکيو ته سنڌ ۾ عمران خان کي ويلڪم ڪنداسين، گڻيش کتري لکيو ته هي ڪرپٽ سسٽم آهي، جاويد مريد نهڙيو لکيو ته سنڌ جو عوام  پ پ مان بيزار ته آھي پر سنڌ ۾ پ پ جو معتبر متبادل ناهي عمران خان پارٽي جي ٽڪيٽ ڏئي ڪنھن بي داغ سياستدان جا ھٿ مضبوط ڪري، محمد خالد ميمڻ لکيو ته اسان سنڌ واسين جي حوالي سان صرف گدڙ ڀڀڪيون ٿيون لڳن، سيف الله پنهور لکيو ته عمران خان سنڌ آيو ته کيس پيپلز پارٽي کان بيزار ٿيل سنڌ جو عوام ڀرپور موٽ ڏيندو، جاويد احمد لکيو ته اقتدار جي ايوانن تائين نه پهچندو، غلام رسول راهمون لکيو ته جيڪو چئي پيو سو ٺيڪ چئي پيو، طارق باجڪاڻي لکيو ته عمران جي مقبوليت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رھيو آهي. جاويد حيات لکيو ته عمران خان پنهنجو ذهني توازن وڃائي چڪو آهي، سجاد حسين بلوچ لکيو ته تبديلي سرڪار بـ تباهي آندي، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته نواز شريف هڪ بهادر ليڊر آهي جڏهن به اقدار ۾ ايندو آهي امن امان بحال ٿيندو آهي ترقياتي ڪم شروع ٿي ويندا آهن، سراج سومرو لکيو ته جڏهن وزيراعظم هيو سنڌ لاءِ ڪجھه نه ڪيو هاڻي اچي ڇا ڪندو، محمد رحيم مهراڻپوٽو لکيو ته عمران به زرداري، نواز جهڙو ئي آهي، محسن ملاح لکيو ته عمران خان ڀلي نواز شريف سامهون اليڪشن وڙهي ڏسي ان کي ناڪامي نصيب ٿيندي ڇاڪاڻ ته پنجاب جو عوام ميان نواز شريف سان بيحد پيار ڪري ٿو ۽ خان صاحب ڀلي پوري سنڌ گهمي ڏسي ان کي ايتري موٽ ڪونه ملندي جيتري موٽ ماڻهو شهيد راڻي جي اولاد کي ڏين ٿا، امتياز لغاري لکيو ته سنڌ کي ھڪ حقيقي ليڊر جي ضرورت آھي اسان کي عمران مان ڪا اميد نظر نٿي اچي، ڊاڪٽر امداد حشين لکيو ته سنڌ جو عوام پ پ سان گڏ آهي، باسط لاشاري لکيو ته عمران خان جو ساٿ ڏيو، لال خان مري لکيو ته عمران خان سنڌ اچي گدو اسپتال ۾ مفت علاج ڪرائينداسين اهڙي ڳالهه قادر پٽيل ڪئي آهي، علي حسن چانڊيو، غلام حسين لغاري به سروي ۾ حصو ورتو، عابد فراز لکيو ته اسان عمران خان کي سنڌ ۾ ويلڪم ڪنداسين، زوهيب لطيف لکيو ته بلڪل اچي جيڪي سپورٽ ٿا ڪن انھن کان به سوال آهي خان افغاني شهرين کي شهريت ڏيڻ چاهي ٿو، مظفر لغاري لکيو ته سنڌ جو عوام پ پ مان بيزار آهي، گلاب غازي لکيو ته عوام لاءِ اڳ ڇا ٿيو جو هاڻ ٿيندو، آزاد اسدالله هنڱورجو لکيو ته عوام پ پ مان تنگ آهي،  عمران ضرور سوڀارو ٿيندو، ديپڪ گوسوامي به راءِ جو اظهار ڪيو، امداد محمد شاهه لکيو ته نيازي افغانين کي پاڪستان جي شھريت ڏيارڻ جو مک ڪردار آهي، آدم پتافي لکيو ته ڪجھه به ھجي عمران خان مخالفن لاءِ خطري جي گھنٽي وڄائي چڪو آهي، ممتاز علي مهر لکيو ته سنڌ ۾ متبادل جي سخت ضرور ت آھي، آصف وسير لکيو ته عمران سٺو اڳواڻ آهي، علي بخش شر لکيو ته عمران خان سان عوام جو سمنڊ گڏ آهي هن وقت نواز ۽ زرداري کان ماڻهون بيزار ٿي ويا آھن سنڌ کي عمران خان جهڙي ليڊر جي ضرورت آهي، وڪرم مالهي لکيو ته تمام زبردست بيان ڏنو آھي غلام نبي بلوچ لکيو ته جڏهن غلام قومن جا فرد قتل ٿيندا آهن تڏهن قاتل کي آزاد ڇڏي پڇاڻان لاشن کان ڪيا ويندا آهن.واحد ڏنو لکيو ته عمران جو بيان درست ثابت ٿيندو، فاروق لغاري لکيو ته ٻلي کي خواب ۾ ڇيڇڙا آهن، ڪريم کوسو لکيو ته سنڌ عمران جي انتظار ۾ آهي، ايم شريف کوسو، شفقت جروار به سروي ۾ حصو ورتو، مجاهد بلوچ لکيو ته اگر عمراڻ خان سنڌ زرداري سان مقابلو ڪرڻ اچي ٿو ته اھا چڱي ڳالھه آھي، ڇا عمران خان سنڌ جي قبيلائي سردارن کي پارٽي ۾ شامل ڪونه ڪندو؟؟ اھي سردار، وڏيرا، مير ۽ بھوتار سنڌ جي غريب پورھيت طبقي لا۽ فائدہ مند ٿي سگھن ٿا..؟؟ نظير کوسو، فيصل ناگوري، ثناءُالله کهڙو، لياقت علي نهڙي، قاسم سومرو، محمد رحيم مڱريو به سروي ۾ حصو ورتو. نقي الرضا لغاري لکيو ته مطلب لانگ مارچ مان ڪجھه ڪونه ورندو، سيد عادل راشد لکيو ته خواب ڏسڻ تي ڪا به پابندي ناهي. دلبر چاند اوڏ لکيو ته حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ چوي ٿو ته سنڌ همارا صوبا نهين، ڄام اعجاز سولنگي لکيو ته عمران جو مٿو خراب ٿي ويو آهي، ساحل ميگهواڙ لکيو ته عمران خان عوام ۾ مقبول ٿي چڪو آھي پر نواز شريف کي پنهنجي تڪ تي ھارائڻ مشڪل ٿي سگھي ٿو، اياز علي راهوجو لکيو ته ڪو فرق نه پوندو پھريان ڇا ڪيو ھو، راجا علي سومرو لکيو ته انشاءَالله سنڌ اندر پي ٽي آءِ جي حڪومت هوندي، عابد حسين شر، عبدالله باقر، اعجاز نور راهو به سروي ۾ حصو ورتو، جنيد جبار دائود پوٽو لکيو ته عمران خان ھڪ سچو سياستدان آهي، ھو بلڪل ائين ڪري سگهي ٿو، ياسر کٽياڻ لکيو ته سنڌ ۾ اڪثر عوام وڏيرن جاگيردارن جو ذهني غلام بڻيل آھي، و يڪي مڪواڻو لکيو ته عمران کي ڀليڪار چئون ٿا، سڪايل صدام مگسي، اشوڪ ڪمار، ديشڪ جاني، عمران گل سومرو، الياس سمون، اي ماجد علي، ڪمال ورياماڻي، اويس احمد، علي خان، محمد عرفان، جي ايم ساند، عمران ملڪ، فاروق پلي، احمد مڱريو، راشد علي عباسي به سروي ۾ حصو ورتو، ظفر خواجه، سومار ابوپوٽو، لياقت علي بلوچ به سروي ۾ حصو ورتو، حسن سومرو لکيو ته جھڙي طرح عمران خان ن ليگ جي ڳڙھ گوجرانوالا ۾ شينھن جو جنازو ڪڍيو آھي، ان مان حالتون ان ئي طرف وڃي رھيون ته عمران خان نوازشريف کي به ان جي تڪ تي ھارائي ڇڏيندو، عرفان علي، زين ڀٽو، علي محمد پنهور، نادر سيال، عبدالرحمان چانگ، محمد اسلم بلوچ، شهروز خان دراني، احمد خان، شنڪر لال، غلام سرور مگسي، نعيم خان مهر، عبدالڪريم بلوچ، محمد خان آريسر، صابر حسين، زبير احمد حيدري، ايان احمد ڪيريو، صداقت جتوئي، منظور علي خاصخيلي، عبدالخالق راڄڙ، حاجي نياز کهڙو، مانو نور، وزير وساڻو، جهانگير مگسي، لڇمڻ رامناڻي، اي نواز برهماڻي، عطا حسين جاگيراڻي، شوڪت هالو، ايم آچر ڪنڀر، عامر بلوچ، مير محمد جمالي، اي لطيف لطيفاڻي، شفقت ڀٽو، قائم دين بنگلاڻي، سجاد شاهه، شاهنواز، هنسراج ڪمار، ايم صديق سمون، زوهيب لاڙڪ، حاجي يونس مڱريو، علي ڳاهو، گلزار احمد درس به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالسبحان سنڌي لکيو ته بلڪل زرداري کان جان ڇڏائي افغانين حوالي ڪندو سنڌين کي، اعتبار علي جانوري، زوار سيد ڪاظم شاهه، يعقوب کوسو، عامر علي، معشوق حسين، خليل احمد، جنيد زرين، راول ميمڻ، رياض حسين، دلبر جان، رانا خان ڪنڀر، جمن جت، احسان علي چانڊيو، دليپ اڪراڻي، غلام مرتضيٰ به سروي ۾ حصو ورتو، غلام رحيم جوڻيجو لکيو ته عمران خان جي سنڌ ۾ اچڻ سان ڪو فرق ڪونه پوندو هي سياست آھي، محمد اسلم لکيو ته  سنڌ دشمن آهي اھو ئي چوندو ھو ته سنڌ جا ماڻهو ڪراچي تي حڪومت ٿا ڪن، وقار شيخ، ممتاز سميجو، محمد علي سميجو به راءِ جو اظهار ڪيو، سعيد مهر لکيو ته عمران خان سنڌ ۾ اچي ته سنڌ جو عوام دل سان ويلڪم ڪندس، رانا خان نونڍو، سهيل سولنگي، ستار بلوچ، نثار سومرو، قربان جوڳي، امتياز راهمون، عثمان جتوئي، عبدالستار راهمون، اظهار شر، گلزار احمد، محمد سليم چانڊيو، بلاول علي زندپور، ڪاشف اوڍو، شيراز احمد، منظر شر، ثناءُالله هنڱورجو، عنايت بروهي، واجد سومرو، مير ڌڻي بخش نصيراڻي، محمد سليم ڀلائي، قربان ڀرڳڙي، ظهير ميمڻ، عالم چند ڪولهي، عبدالرزاق راهمون، ناصر نظر، فقير ولايت حسين، عبيدالله شر، عباس ٻرڙو، بقا محمد ساوند، يونس آفتاب وسير، اي ڊي بلوچ، حبدار علي خان، صداقت علي جتوئي،معشوق بلوچ، محمد خان آريسر، عمران گل سومرو، خاموش خليل شر، اويس منگي، نيڪ محمد، حمت علي ڪلوڙ، ظفر علي، ارباب بچواڻي، منير احمد، ذوالفقار علي، سجاد ويسر، حميد مڱريو، شڪيل نياز خاصخيلي، راجوير ڪمار، سليم نظاماڻي، شڪرالدين سميجو، خوشحال سنڌي، ذوالفقار ڪنڀر، اشرف ميمڻ، علي اڪبر مگسي، رضا خواجه، لال بخش درس، عبدالسلام مينگل، اسلم ڀٽو، امان خان، ساجن داس، امتياز شيخ، سرفراز، خالد محبوب، نذاڪت علي، رضوان خاصخيلي،محمد مالڪ سليم، محمد الياس، منير حسين جت، نويد کوسو، عبداللطيف جمالي، نورجهان گهليڙو، انور علي مڱريو، غلام حسين کوسو، شاهنواز علي، جاويد علي شر، محمد علي، غلام ياسين، عثمان لغاري، محبوب خان، ايس ڪي سجاد خان، اربيلو خان، محمد امين پنهور، رفيق برهماڻي، عبدالستار ڀٽو، گل محمد، جي ايم عالماڻي، اياز علي، جاويد خان حسيني، محمد سومر موريو، ڀورل بلوچ، نوڪرِ حسين ميمڻ، علي ٻرڙو، نظير چانڊيو، منظور ڪنڀر، توفيق کهاوڙ، قيصر نواز، ابو آذان، ڪي بي خان چانڊيو، امتيار ڀٽي، عبدالوهاب سنڌي، ايم علي سنڌي، صفيان بلوچ، عبدالغفار ملڪ، محمد حاڪم، توفيق کهاوڙ، رياض حسين، فدا حسين لغاري، زبير سومرو، ياسر خان، عنايت الله خان، محمد ظفر شر، جميل مڱريو، ظفر حسين، غلام مرتضيٰ، انور علي، ڪامران خان، سڪندر جلباڻي، سيد گدا حسين ڪاظمي، ساحل عباس، اي ڊي بلوچ، دلبر چند اوڏ، زاهد علي، جميل لغاري، سليم الله سنڌي، علي شير چانڊيو، ايم رفيق بلوچ، عبدالڪريم بلوچ، مجيب شر، ضياءَ سنڌي، راجا خان مهر، بليدي اظهر، زين يوسف، حافظ نصرالله ڪٽپر، شرف الدين، ظهير سولنگي، جاويد لانگاهه، زبير تنيو، عبدالقيوم لغاري، ٽيڪمداس، شوڪت نهڙيو، علي حسن چانڊيو، عزيز ميئو، راحب سولنگي، شڪيل احمد، محمد شهبان، فيض محمد لاشاري، ذوالفقار منگي، نعيم اختر، پريم چند، سعيد احمد، سليم منگي، عبيدالله ميمڻ، محسن علي، آر ڊي کوسو، سرفرار ٻٻر، تاج  مهر، رضا هاليپوٽو، انجنيئر رياض حسين لانگاهه، عجيب علي آريجو، محمد حنيف، فياض علي، محمد شريف، اسلم سمون، شمس بلوچ، محمد موسيٰ جسڪاڻي، منور سولنگي، عمران، نصرالله چانگ، فاروق احمد، نادر علي خان، عبدالسميع، غلام مصطفيٰ نائچ، مصطفيٰ ڪلهوڙو، شيوارام مالهي، مولابخش سيال، مجاهد رند، لال خان مهر، راول ميمڻ، محمد هاشم ڏاهري، خان محمد بنگلاڻي، فياض ڳاهو، غلام رضا مري، محمد رحيم مهراڻپوٽو، ارباب علي خاصخيلي ۽ ٻين به سروي ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.