ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو بيٽر فخر زمان انجري سبب ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ لاءِ ٽيم کي دستياب نه هوندو. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊاڪٽر نجيب سومرو جو چوڻ آهي ته فخر زمان کي گوڏي جي انجري آهي جنهن سبب اهو ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ نه کيڏندو. ڊاڪٽر نجيب چيو ته فخر زمان کي کيڏائي رسڪ کنيو هو، ڪڏهن ڪڏهن اهڙي طرح جي رسڪ ۾ ڪاميابي ملندو آهي پر بدقسمتي سان فخر زمان کي ٻيهر انجري ٿي وئي جنهن سبب هن کي آرام ڏنو پيو وڃي. ذريعن موجب فخر زمان جي جاءِ تي محمد حارث کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.