ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) ملڪ جي گهڻ گهرن، ساڃاهه وندن ۽ سياستدانن وفاقي حڪومت جي ٽي پي پي کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ عيوض معافي واري اعلان کي رد ڪندي گهر ڪئي آهي ته ٽي ٽي پي سان ڳالهين بابت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺي، افغانستان جي معاملن ۾ مداخلت بند ڪري، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري روڪي، پاڪستان ۾ رهندڙ پناهگيرن کان پناهگيرن وارو لقب واپس وٺي کين عارضي طور رهائڻ لاءِ ڪيمپون قائم ڪري سندن رجسٽريشن ڪئي وڃي، ڪالهه ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ انٽيلڪچوئل فورم پاران افغانستان جو پيچيده معاملو ۽ ان جا اثر جي سري هيٺ ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي پ پ جي سينيٽر رضارباني چيو ته پنهنجن ماڻهن جو خيال ڪنهن به حڪومت جي اولين ذميواري آهي پر جيڪي تاريخي غلطيون هجن ٿيون جن مان اوهان جان ڇڏائڻ چاهيو ٿا پر اهي اوهان جو پيڇو نٿيون ڇڏين، هڪ مصيبت تحريڪ طالبان جي شڪل ۾ سامهون اچڻي آهي، ٻي وري آمريڪي سامراج ۽ اولهه جي پاليسي آهي، اهي سمجهن ٿا ته طالبان جي اڳتي اچڻ ۾ پاڪستان جو ڪردار رهيو آهي، جيڪو انٽرويو هيلري ڪلنٽن طالبان بابت ڏنو هو، انهي جو روٽ ڪاز (بنياد) انهي مان ڳوليو وڃي، اڄ جو دهشتگرد ڪالهه جو آزادي جو ويڙھاڪ آهي، پاڪستان اندر ڪلاشنڪوف ڪلچر ضياء الحق جي زماني ۾ پيدا ٿيو، افغان مهاجرن کي روڪڻ بدران انهن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو، هاڻي انهن جي واپسي جو سوچڻ اسانجي خام خيالي آهي، هن سواليه انداز ۾ چيوته عمران حڪومت کي ٽي پي پي سان ڳالهيون جو مينڊيٽ ڪنهن ڏنو آهي؟ هي ملڪي عوام جو مسئلو آهي، اوهان ٽي پي پي تي واضح ڪريو ته اهي هٿيار ڦٽا ڪن ته معافي ڏينداسين، وفاقي سرڪار اهو مسئلو پارليامينٽ ۾ کڻي اچي ها، اوهين طالبان کي معافي ڏيڻ وڃو پيا پر پارليامنيٽ کي اعتماد ۾ نٿا وٺو، قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو ته پاڪستان لاءِ ڪو به افغاني سٺي سوچ نٿو رکي، جڏهن ته اهي پاڻ استعمال ٿيا، سندن چار ڪروڙ آبادي آهي، انهي باوجود هي اربن (شهري) نه بڻجي سگهيا ته انهي ۾ اسانجو ڏوهه ناهي، پاڪستان تي افغانين جو ٻوجهه وڌو ويو، تاجڪستان، ايران ۽ ٻيا به افغانستان جا پاڙيسري آهن، رڳو پاڪستان تي بار ڇو؟ گذريل ٽن چئن ڏھاڪن دوران هزارين افغاني ماريا ويا، اسان کي انهن سان همدردي آهي پر پنهنجي قيمت تي همدردي نٿي ڪري سگهجي، ڳالهه مسلمانن جي آهي ته سعودي عرب ۽ ٻيا ملڪ به قرباني ڏين، ڪراچي ۾ ڪو اي سي۽ ڊي سي اچي ٿو ته چون ٿا ته اندرون سنڌ جو رهندڙ اچي ويو، سنڌ ۾ صدين کان رهندڙ سنڌين خلاف واويلا ڪئي وڃي ٿي، پرچي تي هلندڙ ماڻھو پرڏيهي هٿياربندن ۽ منشيات فروشن کي روڪڻ لاءِ نٿا ڳالهائين، هن چيو ته افغانستان اشو تي سنڌ جي ماڻهن کي وفاقي حڪومت ڇو اعتماد ۾ناهي ورتو؟ سنڌ حڪومت يا سنڌ اسيمبلي ۾ افغانين جي اشو تي ڪو اجلاس ۽ معاملو ڇو اٿاريو نٿو وڃي؟ هن چيو ته سنڌ وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي ايجنڊا ۾ ناهن، سنڌ اسيمبلي کي ڌارين کي روڪڻ لاءِ اثرائتي قانونسازي ڪرڻ گهرجي. پي ايس پي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسين جيڪڏهن پنهنجو ڀلو چاهيون ٿا ته پاڻ احتياط ڪريون، اسان جي ماڻهن تي ڪراچي کان ڪشمور تائين دشمنن سيڙپ ڪئي آهي، هن چيو ته حڪمران پهرين پنهنجي گهر کي ٺيڪ ڪن، بعد ۾ افغانستان جي فڪر ڪن، بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو ته اسين ڪهڙي خوشي پيا ملهايون ته اسانکي افغانستان ۾ ڪاميابي ملي آهي، اسان جن جو 72 سالن کان کاڌو آهي، اهي آرام سان ڇڏيندا؟ جيڪڏهن سوال ڪندا ته اوهان غدار سڏيا ويندا، سنڌ ۽ بلوچستان تي افغانستان صورتحال جا خطرناڪ اثر پوندا، مون وڏ وزارت دوران ٻه ٽي ڀيرا ڪوشش ڪئي ته پناهگيرن کي ڪڍي سگهان پر ناڪام رهيس، هتي ٻيٺڪيت واري نظام تحت ڪڏهن ٻيٽن بابت آرڊيننس جاري ٿين ٿا ته ڪڏھن وسيلن جي مالڪي تي بيان اچن ٿا، وفاقي حڪومت کي گذارش آهي افغانين کي پنهنجي مرضي تي ڇڏي ڏيون، اسان پنهنجون حالتون ٺيڪ ڪريون، ناليواري دانشور مسعود نوراني چيو ته اڄ اياز لطيف ۽ مصطفيٰ ڪمال گڏ آهن، هڪ ئي صف ۾ بيٺل آهن، هاڻي اهو مذاق ختم ٿيڻ گهرجي ته تون هو آهين ۽ آئون هي آهيان اسين سڀئي ڌرتي جا وارث آهيون ، سيمينار کي مهتاب اڪبر راشدي، اشفاق ميمڻ، محبوب شيخ، ڊاڪٽر ايوب شيخ، پروفيسر اعجاز قريشي، يونس مهر۽ ٻين خطاب ڪيو.