ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس ويگو گاڏيون ڦر ڪندڙ ڀيو گروپ جي سربراهه علي حسن ڀيو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان سينٽرل ضلعي مان ڦر ڪيل ويگو گاڏي، پستول، هڪ جيمر ۽ هڪ دستي بم هٿ ڪيو آهي. ان ڏس ۾ ايس ايس پي بشير بروهي موجب علي حسن ڀيو گروپ درجن کان وڌيڪ ويگو گاڏيون ڦر ڪيون. جوابدار انڪشاف ڪيو ته اهي مختلف گاڏين ذريعي ڪراچي اچن ٿا، گھمندي گھمندي موقعو ملي ٿو ته گاڏي ڦر ڪن ٿا. ايس ايس پي موجب ٽريڪر کي ناڪاره بڻائڻ لاءِ جيمر استعمال ڪن ٿا،