لاهور (م ڊ) مينارِ پاڪستان تي هجوم هٿان هراسان ٿيندڙ ٽڪ ٽاڪر عائشا اڪرم جي ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي. متاثر ٽڪ ٽاڪر عائشا اڪرم واقعي جو ذميوار پنهنجي ساٿي ريمبو کي قرار ڏنو ۽ پوليس عائشا اڪرم جي بيان تي ڪارروائي ڪندي سندس ساٿي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو هو. پوليس حراست ۾ ريمبو ميڊيا سامهون بيان ڏنو ته مون کي خبر آهي ته مون ڪيئن عائشا کي بچائي اتان گهر وٺي ويس ۽ هن مون کي ڪيس ۾ نامزد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته مينار پاڪستان تي وڃڻ جو پروگرام منهنجو نه پر عائشا اڪرم جو هو، کيس ڪنهن ٻئي سان وڃڻو هو پر ان جي ڀاءَ جي لاڏاڻي سبب مون کي عائشا سان گڏ وڃڻو پيو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن عائشا اڪرم ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن کي تحريري بيان جمع ڪرائيندي چيو هو ته گريٽر اقبال پارڪ وڃڻ جو پلان ريمبو ئي ٺاهيو هو، ريمبو پنهنجي ساٿين سان گڏجي منهنجون نازيبا ويڊيوز ٺاهيون هيون، انهن ويڊيوز سان ريمبو مون کي بليڪ ميل ڪندو رهيو. عائشا اڪرم الزام هنيو ته ريمبو مون کي بليڪ ميل ڪري 10 لک رپيا وٺي چڪو آهي، آئون پنهنجي پگهار مان اڌ پيسا ريمبو کي ڏيندي هيس، ريمبو پنهنجي ساٿي بادشاهه سان گڏجي ٽڪ ٽاڪ گينگ هلائيندو آهي.