ٽنڊومحمدخان (رپورٽر) ٽنڊومحمدخان شهر ۾ رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ 23 روزو هئڻ باوجود شهر جي منافعي خور واپارين پاران شهرين کي ٻنهي هٿن سان ڦر لٽ جو سلسلو جاري رکيو آهي، ان سلسلي ۾ روزمرهه استعمال هيٺ ايندڙ شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن جنهن ۾ وڏو گوشت 450 مان وڌائي 500 رپيا، ٻاڪرو گوشت 1000 مان 1200 رپيا في ڪلو، مڇي 360 مان وڌائي في ڪلو 420 ، کير 100 مان وڌائي 120 رپيا، ڏهي 120 مان وڌائي 140 رپيا في ڪلو ، بائيلر مرغي گوشت 400 مان وڌائي 440 رپيا في ڪلو ، برف 2 مڻ جي نادي 250 مان وڌائي 300 رپيا ، ٽماٽا 25 مان وڌائي 40 رپيا في ڪلو ، پٽاٽا 30 مان وڌائي 40 رپيا في ڪلو ، بصر 20 مان وڌائي 30 رپيا في ڪلو ، مرچ ساوا 40 مان وڌائي 50 رپيا في ڪلو ، ميها 80 مان وڌائي 100 رپيا ، توري 110 مان وڌائي 140 رپيا في ڪلو ، ڪريلا 80 مان وڌائي 110 رپيا ، ڀينڊي 80 مان وڌائي 100 رپيا ، اڌرڪ 300 مان وڌائي 350 رپيا في ڪلو ، ٿوم چائنا 130 مان وڌائي 160 رپيا ، ٿوم سنڌي 80 مان وڌائي 90 رپيا في ڪلو ، گوبي 40 مان وڌائي 50 رپيا ، گوار 70 مان وڌائي 90 رپيا في ڪلو ، شملا مرچ 60 مان وڌائي 80 رپيا في ڪلو ، ليما 450 مان وڌائي 540 رپيا في ڪلو ، ڪيلا في درجن 80 مان وڌائي 110 رپيا ، گولڊن صوف 150 مان وڌائي 180 رپيا ، ڇانهي 30 مان وڌائي 50 رپيا ، نارنگي 60 مان وڌائي 90 رپيا في ڪلو ، گدرو 15 مان وڌائي 30 رپيا في ڪلو ، پپيتو 100 مان وڌائي 140 رپيا ، سردو 100 مان وڌائي 140 رپيا ، چڪو 140 مان وڌائي 170 رپيا ، ايراني کجور 180 مان وڌائي 220 رپيا ، بصرا کجور 150 مان وڌائي 180 رپيا ، بيسڻ 120 مان 150 رپيا ، سپر ڪرنل چانور 140 مان 170 رپيا ، اٽو 70 رپيا ڪلو مان 80 رپيا ڪلو ، دال ماش 230 رپين مان 250 رپيا في ڪلو ، دال مڱ 270 مان 280 رپيا ، چڻا 140 مان 150 رپيا ، چانھه جي پتي 100 رپيا پاءُ واري پيڪيٽ مان 120 رپيا، کنڊ 80 رپيا في ڪلو مان 110 رپيا سميت ٻيون شيون شامل آهن ، مارڪيٽ ڪاميٽي ۽ پرائس ڪنٽرول ڪاميٽي سميت ضلعي انتظاميا مڪمل طور تي چپ جو روزو رکي ڇڏيو آهي ۽ واپارين کي کلي چوٽ ڏئي ڇڏي آهي ، شهرين غلام ياسين سمون ، نورحسن کوکر ، آصف چانڊيو۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته منافعي خور واپارين خلاف ڪاروائي ڪري غريب مسڪين ماڻهن کي جيئڻ جو حق ڏنووڃي.