ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون 100 رپيا مهانگو: ڊالر ۾ ٻيهر تيزي، ان ڏس ۾ ڪراچي صرافه بازار ۾ سون 100 رپيا واڌ سان 104300 مان 104400 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 10 رپيا لاٿ سان 1380 مان 1370 رپيا ٿي وئي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 20 پئسا واڌ سان 153.9 مان 154.1 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته پائونڊ ڏيڍ رپيو واڌ سان 212.5 مان 214 رپين تي پهتو، ٻئي طرف يورو پڻ هڪ رپئي جي اضافي سان 184 مان 185 رپيا ٿي ويو