سن (ن پ ا) سن ۾ جئيي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊئي جي گهر تي ٿيل حملي خلاف جسم جي سڏ تي احتجاجي مظاهروڪري ڌرڻو هنيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي منٺار ڇڇر، اياز ڇڇر، بچل سولنگي اياز سنائي ڪئي. اڳواڻن جو چوڻ ھو ته شرپسندن جسم جي اڳواڻ رياض چانڊيي جي گهر تي حملوڪري بزدلاڻو عمل ڪيو آهي، جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ چتاءُ ڏيون ٿا ته شرپسند اهڙين حرڪتن کان مڙي وڃن نه ته انهن جي خلاف سخت احتجاج ڪيوويندو ۽ انهن کي منطقي انجام تائين پهچايوويندو.