کھڙا (ن پ ا) کهڙا جي 3 ڊسپوزل اسڪيمن رپڙي روڊ اسڪيم، خواجا محلا اسڪيم ۽ مين ڊرينيج اسڪيم تي ڪم ڪندڙ پبلڪ هيلٿ گمبٽ جي ملازمن کي 24 کان پگهارون نه ملڻ خلاف ٽائون ڪاميٽي کهڙا جي گيٽ اڳيان بک هڙتال ڪئي. مجاهد علي اڄڻ، احمد علي اڄڻ ۽ محمد صديق اڄڻ دانهيو ته اسان پبلڪ هيلٿ گمبٽ جا ملازم آهيون اسان کي 24 مهينن کان پگهارون ناهن مليون جنھن ڪري اسان معصوم ٻارڙن سميت بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، هينئر ته اسان کي دڪاندارن اوڌر تي سيدو سامان ڏيڻ به ڇڏي ڏنو آهي مٿان وري عيد آهي اسان وٽ معصوم ٻارڙن لاءِ نوان ڪپڙا خريد ڪرڻ لاءِ به پئسا ناهن، هنن الزام هڻندي چيو پبلڪ هيلٿ وائيٽ ڪالر ملازمن کي جيڪي ڪو ڪم به نه پيا ڪن کي گهر ويٺي پگهارون ڏيئي رهيا آهن، هنن پبلڪ هيلٿ سکر جي چيف انجنيئر ، انجنيئر خيرپور ساجن مل ۽ ايس ڊي او پبلڪ هيلٿ گمبٽ عظمت ڦل کان گهر ڪئي ته 24 مهينن جون رهيل پگهارون جاري ڪري اسان جي خاندانن کي فاقه ڪشي ڪرڻ کان بچايو وڃي.