ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊي محمد خان ۾ عدالتي حڪم تحت منشيات رکڻ جي الزام ۾ گرفتار جوابدار امن مگسي کي 3 سال سخت پورهيي سان سزا ، هڪ لک رپين جي ڏنڊ جي سزا جو حڪم. ان ڏس ۾ ٽنڊو محمد خان جي فرسٽ ايڊيشنل جج جي عدالتي حڪم تحت منشيات رکڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار امن مگسي کي 3 سال سخت پورهيي سان سزا ۽ هڪ لک روپيه ڏنڊ جي ادائيگي ڪرڻ جو حڪم تحت سزا ٻڌائي ويئي آهي ، ياد رهي ته عدالتي حڪم تحت سزا يافته جوابدار امن مگسي کي هڪ سال اڳ بلڙي شاھ ڪريم ٿاڻي جي حد مان پوليس منشيات جي ڪيس ۾ گرفتار ڪري سندس خلاف بلڙي شاھ ڪريم ٿاڻي تي ايف آءِ آر نمبر 22/39 تحت ڪيس داخل ڪري گرفتاري ظاهر ڪئي هئي