ٽنڊوغلام علي (ن پ ا) ٽنڊو غلام علي شهر جي چمبڙ ناڪي تي ڳوٺ مولوي پير محمد چانڊيو واسي   22 ورھين جو ممتاز علي  چانڊيو ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ھيٺيان اچي چيڀاٽجي موقعي تي فوت ٿي ويو، ان حوالي سان  فوتي نوجوان جي والد الله اوڀايو ٻڌايو منهنجو پٽ ڪنهن ڪم سانگي شهر آيو ھو ۽ اليڪشن سبب مسافر گاڏيون بند ھئڻ ڪري نوجوان ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي تي چڙھڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ نوجوان جا ھٿ نڪرڻ سبب ھيٺ ڪري ٽرالي هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو.