سڪرنڊ (ن پ ا) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ اينيمل سائنسز سڪرنڊ ۾ 10 ڊگري پروگرامن ۾ داخلا لاءِ ڪمپيوٽرائزڊ انٽري ٽيسٽ ورتي وئي، پاڪستان جي ٻئي ۽ سنڌ جي پهرين وٽرنري يونيورسٽي ۾ 10مختلف ڊگري پروگرامن ڊي وي ايم، پولٽري سائنسز، فاريسٽ، وائلڊ لائف،آءِ ٽي ۽ بي بي اي سميت ٻين ڊگري پروگرامن ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي وئي، جن ۾ سنڌ سميت پوري پاڪستان مان شاگردن ۽ شاگردياڻين ڀرپور شرڪت ڪئي، ان حوالي سان وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد فاروق حسن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پهريون دفعو ڪمپيوٽرائزڊ ٽيسٽ ورتي پئي وڃي ۽ ڪجهه اهڙا به پروگرام آهن جيڪي اسان جي يونيورسٽي ئي آفر ڪري رهي آهي، جنهن ۾ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ سر فهرست آهي، هن چيو ته خاص طور شاگردياڻين جو تعداد پڻ وڌي رهيو آهي، جن گهربل سهولتون ڏئي رهيا آهيون.