ڀٽ شاھ (ن پ ا) ڀٽ شاھ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل اڌڙوٽ شخص غلام حسين شيخ حيدرآباد اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ لطيف ڪالوني ۾ پلاٽ جي مالڪي تان شيخ ۽ ساند برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران 8 ڄڻا زخمي ٿيا هئا، جهيڙي ۾ لٺين، ڪهاڙين ۽ سروٽن جو استعمال ڪيو ويو هو، فوت ٿي ويل غلام حسين شيخ جي وارثن پاران احتجاج ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو آهي.