اڏيرولال (ن پ ا) اڏيرولال جي يوسي محمد حسين هڱورو جو 5 هزار جي آبادي رکندڙ ڳوٺ ڍالو خاصخيلي جا رهواسي پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت کان محروم ٿي ويا آهن. 97 لک روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل فلٽر پلانٽ انتظامي نااهلي ۽ سارسنڀال نه ٿيڻ ڪري ناڪارا ٿي ويو آهي، جڏهن ته فلٽر پلانٽ بند ٿيڻ ڪري صاف پاڻيءَ جي سهولت نه هئڻ سبب ڳوٺاڻا مختلف بيمارين جنهن ۾ ڪاري سائي ۽ جگر جي بيماري پڻ منهن ڪڍيو آهي. ان حوالي سان ڳوٺاڻن منظور خاصخيلي، اشرف، محمد علي، ۽ فيضان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فلٽر پلانٽ خراب ٿيڻ ڪري رهواسي صاف پيئڻ جي پاڻيءَ جي سهولت کان محروم آهن هنن وزير اعلي سنڌ، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري، پبلڪ هيلٿ کاتي سميت وس وارن عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪيو وڃي ته جيئن ڳوٺاڻاڻن کي صاف پاڻي جهڙي سهولت ميسر ٿي سگهي.