لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي سيشن ڪورٽ مان گرفتار رتيديري واسي مبينا جعلي وڪيل توفيق بوزدار کي شهيد عبدالمالڪ ڀٽو پوليس ٿرڊ سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت کيس هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيوم پوليس موجب جوابدار کي اڄ ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪبو. توفيق بوزدار کي سيشن ڪورٽ جي وڪيلن سوگهو ڪري ڪٽڪو ڏيڻ بعد پوليس حوالي ڪيو هو. اهڙو ڪيس به داخل ڪيو ويو هو.