شاهپورچاڪر (ن پ ا) شاهپور چاڪر ڀرسان سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ پورهيت جي نوجوان نياڻي گهرو اڻبڻت تان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ پورهيت سڪندر اوڏ جي 25 ورهين جي نياڻي انجلي اوڏ گهر ۾ ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب وارثن جو چوڻ آهي ته ناري گهرو اڻبڻت تان ڦاهو کائي انت آندو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.